مري ۾ سرڪاري ريسٽ هائوس ۽ آفيسون سياحن لاءِ کولڻ جو حڪم

لاهور (م ڊ ) پنجاب حڪومت مري کي آفت سٽيل قرار ڏيندي ايمرجنسي لاڳو ڪري ڇڏي.  پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار مري ۾  صورتحال خراب ٿيڻ بعد سرڪاري ريسٽ هائوس ۽ سرڪاري آفيسون سياحن لاءِ کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وڏي وزير انتظاميا کي هدايتون جاري ڪندي چيو ته پيدا ٿيل صورتحال ۾ سياحن کي هر ممڪن رليف ڏنو وڃي. عثمان بوزدار مري ۾ ڦاٿل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ريسڪيو آپريشن تيز ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته سياحن کي محفوظ هنڌن ڏانهن ڪڍڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، سياحن کي گهربل امدادي سامان به فراهم ڪيو وڃي ۽ سياحن کي سهولتون فراهم ڪيون وڃن. رليف هر ممڪن طريقي سان ڏنو وڃي. وڏي وزير راولپنڊي ۽ ٻين شهرن مان اضافي مشينري ۽ اهلڪار موڪلڻ جي هدايت ڪئي آهي. ياد رهي ته مري ۾ سياحن جي شديد رش ۽ برفباري سبب هزارين گاڏيون بيهجي ويون جڏهن ته گاڏين ۾ سوار 19 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن جنهن جي تصديق گهرو وزير شيخ رشيد ڪئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.