حادثي جي ذميوار حڪومت آهي: پنجاب ترجمان

لاهور (م ڊ) پنجاب حڪومت جي ترجمان حسن خاور چيو آهي ته ڪنهن به حادثي جي ذميواري حڪومت تي هوندي. پنجاب حڪومت جي ترجمان حسن خاور پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته مري ۾ صورتحال افسوسناڪ آهي، 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ريسڪيو 1122 موجب 21 سياح مارجي ويا. هن چيو ته مري ۾ 2 ڏينهن دوران 5 فوٽ برف ٿي وئي، جنهن سبب سياحن جو وڏو انگ ڦاسي ويو، باران روڊ تي 5 فوٽ کان وڌيڪ برف ٿي وئي، جنهن سبب فوتگيون ٿيون. حسن خاور جو چوڻ هو ته برفباري سبب وڏي انگ ۾ سياحن جي فوت ٿيڻ جو خدشو آهي ان ڪري سياحن جي انگ کي به مانيٽر ڪيو پيو وڃي جڏهن ته گذريل ڏينهن ئي سياحن جو انگ وڌڻ سبب وڌيڪ سياحن جي داخلا روڪي وئي هئي. هن چيو ته مري ۽ ان جي ڀرپاسي علائقن کي آفت وارو علائقو قرار ڏنو ويو آهي ۽ صوبائي حڪومت جا سمورا لاڳاپيل ادارا سياحن کي ڪڍڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهن جڏهن ته فوج ۽ رينجرز جون خدمتون پڻ حاصل ڪيون ويون آهن. پنجاب حڪومت جي ترجمان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن تائين مري نه وڃن.

  • مري ۾ هوٽل مالڪن اکيون ڦيري ڇڏيون: شهري

اسلام آباد(م ڊ) مري ۾ برفباري ۽ مشڪلات ۾ ڦاٿل سياح حڪومت تي چڙي پيا،  مشڪلات ۾ ڦاٿل هڪ شخص دعويٰ ڪئي آهي ته هيل تائين 25 لاش ڪڍيا ويا آهن، انتظاميا ڪٿي نظر نه پئي اچي، هوٽل وارن اکيون مٿي تي رکي ڇڏيون آهن، شهري اپيل ڪئي ته جلد کان جلد رستا کوليو نه ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.