مري ۾ فوتگيون حڪومتي نااهلي سبب ٿيون: مخالف ڌر

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز مري ۾ سياحن جي فوتگين جو ذميوار حڪومت کي قرار ڏيندي چيو آهي ته هي   فوتگيون برفباري سبب ناهن ٿيون پر حڪومت جي ڪوتاهي سبب ٿيون آهن. مريم نواز چيو ته مري ۾ ڦاٿل ماڻهن جون فوتگيون ڏکوئيندڙ واقعو آهي حڪومت کي ڏوراپا ڏيڻ جو ڪوبه فائدو ناهي هي مرده ضمير حڪومت اڳ ئي مري چڪي آهي،پ پ  چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مري ۾ برفباري دوران سياحن جي فوت ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مري ۾ افسوسناڪ سانحي تي سمورو ملڪ سوڳوار آهي، هن چيو ته بهتر هجي ها ته مري ۾ سياحن کي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ها ته اهڙو سانحو نه ٿئي ها، مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته افسوس آهي ته اهڙا ماڻهو ملڪ جا حڪمران آهن، حڪومت مري ۾ ڦاٿل سياحن جي مدد ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي، جڏهن ته وزير ۽ آفيسر تصويرون وٺي سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪري رهيا آهن، ن ليگ جي صدر ۽ مخالف ڌر اڳواڻ شهبازشريف چيو ته مري ۾ شهرين جو موت انتظامي نااهلي ۽ مجرماڻي غفلت آهي، حڪومت جي انتظامي صلاحيت جو عالم اهو آهي ته ٽريفڪ انتظام ڪرڻ جي قابل به ناهي، هن چيو ته جيڪڏهن سياح ايتري وڏي انگ ۾ مري وڃي رهيا هئا ته حڪومت کي خبر ڇو نه پئي، انتظاميا ڪٿي ستل هئي، اڳواٽ انتظام ڇو نه ڪيا ويا؟

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.