ڳاڙهي ويجهو چاچي هٿان 2 ڀائٽيا قتل

ڳاڙهو(رپورٽ:محمد علي راڻو) ڳاڙهي ويجهو گهرو تڪرار تان چاچي هٿان ٻه ڀائيٽا قتل، علائقي ۾ سوڳ ڇانيل، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا، جوابدار فرارخبر موجب ڳاڙهي ويجهو اداسي لڳ ڳوٺ جمعون لالاڻي ۾ گهريلو تڪرار تان چاچي مامون لالاڻي سڳن ڀائيٽن گل حسن لالاڻي ۽ علي اڪبر لالاڻي تي بندوق جا سڌا فائر ڪري گل حسن کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته علي اڪبر لالاڻي سخت زخمي ٿي پيو، جنھن کي رورل هيلٿ سينٽر ٻگھاڻ منتقل ڪيو ويو جتي زخمن جا سور نه سهندي اهو پڻ فوت ٿي ويو. ٻي پاسي اهڙو اطلاع ملندي ڳاڙهو پوليس ايس ايڇ او مختيار حسين ڪلهوڙو واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاء اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا. جڏهن ته جوابدار مامون لالاڻي فرار ٿي ويو آهي. هوڏانهن اهڙي افسوسناڪ واقعي کان پوء علائقي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.