جاگيرداري ترقي ۾ رڪاوٽ آهي، ارڙهين ترميم جا ثمر ضايع ٿيڻ نه ڏينداسين: ساڃاهه وند

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سياستدانن، قانوندانن ۽ انٽيليڪچوئلز چيو آهي ته صوبن کي مضبوط ڪرڻ سان ئي وفاق مضبوط ٿيندو، جاگيرداري  ئي ملڪي ترقي ۾ رڪاوٽ آهي، 18هين ترميم جي ثمر کي ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو، هنن  اهڙواظهار ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ دي انٽيليڪچوئل فورم طرفان پاڪستان ۽ فيڊريشن جي عنوان سان ڪوٺايل ميڙاڪي کي خطاب ڪندي ڪيو، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حليم عادل شيخ خطاب ڪندي چيو ته صوبا مضبوط ٿيندا ته وفاق مضبوط ٿيندو، فيڊريشن کي بهتر ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته 6 ڪروڙ سنڌين جي بنيادي مسئلن کي ڏسڻو آهي، ناظم جوکيو جي بيوه هجي يا ٻيا مظلوم انصاف پيا گهرن، اهڙي وفاقي حڪومت به نه هجي جيڪا مظلومن کي انصاف نه ڏياري سگهي، هن چيو ته سنڌ اسيمبلي ۾ چيو وڃي ٿو ته وفاق اين ايف سي تحت پئسا نه ڏئي سنڌ تي معاشي حملا پيو ڪري پر سنڌ سرڪار پاڻ پي ايف سي ڏيڻ لاءِ تيار نه آهي، فيڊريشن کي ڪمزور ڪرڻ جي خواهش رکندڙ بي عقل آهن، قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو ته سنڌ سرڪار عوام کي ڊليور نه ڪري سگهي آهي، وفاقي حڪومت به سنڌ جي عوام کي سندن حق نه ڏئي سگهي آهي، وفاقي حڪومت، تيل، گئس، وفاقي نوڪري سميت ٻين معاملن ۾ سنڌ کي حصو نه ڏنو آهي، فيڊريشن جي معاهدي تحت سنڌ کي پنهنجو حصو ملڻ گهرجي، هن چيو ته هاڻي ته اها صورتحال آهي جو سنڌي ماڻهن کي اقليت ۾تبديل ڪرڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي، ڪراچي تي قبضي جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، ان جا نتيجا خراب نڪرندا، روزاني عوامي آواز جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر جبار خٽڪ چيو ته صوبن کي مليل ارڙهين ترميم جو ثمر ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو، صوبن کي اختيار ملندا ته وفاق مضبوط ٿيندو، نه ته ڪمزور ٿيندو، هن چيو ته جيستائين عوام کي حق نه ملندا صوبا توڙي وفاق مضبوط نه ٿيندا، حقيقت تي ٻڌل ڳالهيون ڪندڙن کي غدار ڪوٺيو وڃي ٿو، ٽي آءِ ايف جي چيئرمين مسعود نوراني چيو ته ملڪ جا حڪمران عوام سان سچا ناهن، عوام کي گهرجي ته اهو پاڻ ۾ ملي وڃي ۽ هڪٻئي لاءِ سهپ ڌاريندي هڪٻئي کي ٻڌي، ان لاءِ گڏجڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته هاڻي وقت اهو آيو آهي جو ملڪ انقلاب چاهي ٿو.سنڌ هاءِ ڪورٽ بار جي صدر شهاب سرڪي چيو ته جاگيرداري ئي ترقي ۾ رڪاوٽ آهي، فيوڊل مائينڊ سيٽ کي تبديل ڪرڻو پوندو.قانوندان عبدالوهاب بلوچ چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ملڪ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪندي قرباني ڏيون انٽيليڪچوئل فورم کي رڳو تنقيد ڪرڻ بدران نتيجا ڏيڻ گهرجن، ان موقعي تي ٽي آءِ ايف جي يونس مهر، سگا جي ڊاڪٽر خالده سومرو، وڪيل اي بي لاشاري خطاب ڪندي چيو ته قومن جي استحصال ڪرڻ بدران انهن کي حق ڏنا وڃن، هن فورم ذريعي صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن ڏانهن واضع پيغام موڪلڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.