ڪڪڙ ويجهوپسٽل ڇٽڻ سبب ناري زخمي، لاڙڪاڻو منتقل

خيرپورناٿن شاهه (ن ع آ) خيرپورناٿن شاه لڳ ڪڪڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ مير خان نائچ ۾ نوجوان ناري 17 ورهين جي صنم گهر ۾ هنڌ کڻندي پسٽل ڇٽڻ سبب زخمي ٿي پئي جنهن کي وارثن فوري طور تي تعلقا اسپتال ڪي اين شاه آندو جتي ڊاڪٽر زخمي ناري کي طبي امداد ڏئي حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس وڌيڪ علاج لاء لاڙڪاڻي اسپتال رفر ڪري ڇڏيو اسپتال ۾ موجود ناري صنم جي امڙ مسمات حاجران ۽ مامي سڪندر نائچ ٻڌايو ته پسٽل هنڌ ۾ لوڊ ٿيل پيو هيو صنم هنڌ کنيو ته پسٽل اوچتو هيٺ زمين تي ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڇٽي ويو گولي صنم کي لڳي جيڪا دانهن ڪري هيٺ ڪري پئي جنهن کي اسان فوري طور تي اسپتال آندو آهي   رابطي تي ڪڪڙ ٿاڻي جي وڏي منشي ٻڌايو ته واقعي جي اسان کي خبر ناهي ناري جا وارث اسان کي اطلاع ڏيڻ بغير زخمي ناري کي اسپتال کڻائي ويا پوليس کي اطلاع ناهي ڏنو نه ئي علاج لاء ليٽر ورتو آهي اسين واقعي جي جاچ ڪريون ٿا اصل حقيقت ڪهڙي آهي.

  •  خيرپور ۽ ڀرپاسي بدامني، درزي جي دڪان کي لکين رپين جو ڌاڙو

خيرپور/ ڪوثڏيجي (نمائندن وٽان) خيرپورڀرسان ڪوٽڏجي ٿاڻي جي حد ۾ گذريل رات دير سان نامعلوم چور ڳوٺ مٽڙي درزي درشن ڪمار جي دڪان جا تالا ٽوڙي ٻه سلائي مشينون، 50 کان وڌيڪ وڳا، سولر پليٽون، يو پي ايس بيٽري ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا آهن. جڏهن ته ڳوٺاڻا پيرن کنيا جيڪي اڳتي هلي گم ٿي ويا، جڏهن ته چوري ٿيل سامان جي ماليت 4 لک روپين کان وڌيڪ ٻڌائي پئي وڃي، متاثرين مطالبو ڪيو ته چوري ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.

  • ڏهرڪي ۾ رحيم يار خان واسي نوجوان مذهب مٽائي اسلام قبول ڪري ورتو

ڏهرڪي (ت ر)ڏھرڪي درگاهه عاليه ڀرچونڊي شريف ۾ رحيم يار جي علائقي موزه لنڊا واسي ھندو نوجوان بادل ڪمار ولد گوردن لال  پير آف ڀرچونڊي ميان جاويد احمد قادري جي رھائش گاھ تي پھچي پنهنجو مذهب مٽائي ڪلمو پڙهي اسلام قبول ڪري ورتو آهي جنهن بعد  نوجوان جو اسلامي نالو محمد احمد رکيو ويو. ان موقعي تي محمد احمد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته مون تي ڪنهن به قسم جو ڪو دٻاءُ ناهي مون پنهنجي رضامندي ۽ خوشي سان اسلام مان متاثر ٿي ڪلمو پڙهي مسلمان ٿيو آھيان.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.