ريتي ۽ ڀرپاسي بدامني، جي يو آءِ سراپا احتجاج

ريتي  (ن ع آ)ريتي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ فنڊن ۾ ڪرپشن خلاف جمعيت  علماءِ اسلام پاران مولانا  غلام مجتبي چاچڙ، مولوي اسلم چاچڙ، قاري ممتاز احمد سولنگي، مولانا عبدالمجيد سولنگي، جي اڳواڻي ۾ ريتي شهر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ريتي پوليس جي نااهلي سبب شهر ۽ ڀرپاسي ۾ بدامني جي باھ ڀڙڪي پئي آھي جنهن جي ڪري ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ محفوظ ناھن ۽ ھر روز ڦر چوريون معمول بڻجي ويون آهن هنن چيو ته يوسي ريتي کي ملندڙ فنڊ ھر مھيني يوسي سيڪريٽري ۽ ايڊمنسٽريٽر اوٻاوڙو جي ملي ڀڳت سان ڪڍرائي هڙپ ڪري وڃن ٿا جنهن جي ڪري شھر ۾ ھر طرف نالين جو گندو پاڻي روڊ ۽ رستن تي بيهڻ سبب ڪيچڙ ۽ گندگي جا ڍير لڳي ويا آهن پر انتظاميا اگور ننڊ ستل آھي ھنن چتاءُ ڏيندي چيو ته ريتي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ يوسي سيڪريٽري پاران فنڊ هڙپ ڪرڻ جو نوٽس وٺي اسان جا مطالبا نه مڃيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ جو دائرو وڌايو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.