نوشهري فيروز ۾ چور دڪان ٻهاري ويا

نوشھرو فيروز (ڊ ر)  نوشھرو فيروز ضلعي ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو نه شھري محفوظ نه ڳوٺاڻا گذريل رات وري نوشھرو فيروز الله واري چوڪ کان سامھون عدنان ڪنفينشنري جا تالا ٽوڙي سگريٽن ۔ڪوڪنگ آئل تيل سميت سموري دڪان کي ٻھاري ويا دڪان مالڪ وحيد سولنگي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ھڪ مھينو اڳ به منھنجي دڪان کي چور ٻھاري ويا ھي ٻيو ڀيرو رڳو منھنجي دڪان مان ٻن لکن کان وڌيڪ سمان ٻھاري ويا احتجاج ٿا ڪريون ته ته پوليس چئي ٿي احتجاج نه ڪريو 3ڏينھن ڇڏيو توھان کي چوري واپس ملندي مگر ڪجھ به نه ٿو ئي اسان کي ايتري ڪمائي نه آھي ھر مھيني اسان جا دڪان ڀڃي اسان کي لٽيون وڃي اسان جي  ڪو به دانھن ٻڌڻوارو ڪونھي اسان ھاڻي فاڪا ڪشيء جي زندگي گذارڻ تي مجبور ٿي ويا آھيون سيٺين جا قرضي ٿي ويا آھيون    نوشھرو ٿاڻي تي اطلاع ٿا ڏيون ته ٿاڻي وارا ان جا به پئسا ٿا گھرن نٿا ڏيون ته ٿيل وار دات تي ڏسڻ به نه ٿا اچن چور  به ڦرين پوليس به ڦري اسان ڪنھن کي دانھن ڏيون  ته ڪنھن کي ڏيون ٻڌڻ وارو ئي نا ھي اسان سيشن جج ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ٿاڪريون خدارا خدا جي واسطي سو موٽو ايڪشن وٺي اسان سان انصاف ڪيون ور نه ھاڻي اسان سخت احتجاج تي مجبور ٿينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.