سيٺارجا ۾ سم نالي کي 20 فٽ گهارو،ڪڻڪ ۽ ٻيا فصل پاڻي هيٺ

سيٺارجا (ن ع آ) سيٺارجا ڀرسان مين سم نالي کي ڳوٺ امام بخش موجائي وٽان 20 فٽ گهارو پئي ويو جنهن سبب 30 کان وڌيڪ ڪڻڪ جو فصل پاڻي هيٺان اچي ويو آهي مختلف هنڌن تان سم نالو اور ٽاپ ٿيڻ جي ڪري مختلف علائقن ۾ پاڻي ڪاهي پيو آهي جنهن  ڪري ڳوٺاڻن پاران پنهنجي مدد پاڻ تحت گهاري کي بند ڪيو ويو آھي  علائقي اندر برسات پوڻ  ڪري نالي مان پاڻي جي نيڪال نه ٿيڻ سبب گهارو پيو آھي علائقي واسين احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڪيترائي ڀيرا اسڪارپ کاتي وارن کي چيو آهي پر انهن سم نالي مان پاڻي نيڪال نه ڪرايو جنهن جي ڪري گهارو پيو آھي متاثر آبادگار لاڳاپيل انتظاميه کان گهر ڪئي آهي ته سم نالي جو پاڻي نيڪال ڪرائي ۽ کاٽي ڪرائي ڏني وڃي ته جيئن اسان جا فصل نقصان ٿيڻ کان بچي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.