سنڌ ۾ جاگيردار هارين کي پيڙهي رهيا آهن:هاري تحريڪ

حيدرآباد (پ-ر)  سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري، انور رند، محبوب راهوجو ۽ دريا خان زئور پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌي هاري تحريڪ طرفان سنڌ جي هارين جي مسئلن متعلق ”ايڪويهين صدي ۾ سنڌ جي هارين جي صورتحال” جي عنوان هيٺ اڄ (9 جنوري 2022ع) حيدرآباد ۾ اعلانيل سيمينار جون تياريون مڪمل ٿي چڪيون آهن. سيمينار ۾ عوامي عوامي تحريڪ جو مرڪزي صدر ڊاڪٽر رسول بخش خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر عمراھ سمون، هاري ڪميٽي جو اڳواڻ ثمر جتوئي، عوامي ورڪرس پارٽي جو اڳواڻ بخشل ٿلهو، ناليوارو اديب گل حسن ڪلمتي، مسعود نوراني، بختاور ڄام، وڪيل يوسف لغاري، اسحاق مڱريو، اقبال ملاح، سنڌي شاگرد تحريڪ جو مرڪزي صدر پرديپ گلاب، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر ساجده پرهياڙ، عوامي علمي ادبي فورم جو صدر ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڊاڪٽر ذولفقار راهوجو، نظير لغاري، تاج مري، امداد چانڊيو، شهاب اوستو، مير امان الله ٽالپر، زاهد راڄپر، مشتاق ميراڻي، اقبال رند ۽ ٻيا اديب، دانشور ۽ هاري اڳواڻ شريڪ ٿيندا. اڳواڻن وڌيڪ چيو آهي ته سنڌ ۾ جاگيرداري ۽ قبائلي نظام کي هٿ وٺي مضبوط ڪيو ويو آهي جنهن سبب ايڪويهين صدي ۾ به سنڌ جي هارين کي وڏيرن جي ذاتي قيد خانن ۾ قيد ڪري انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي. سنڌ ايپيڪس ڪميٽي اعلي عدالت جي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي قبائلي جهيڙن جي نبيرن جو اختيار قبائلي سردارن کي ڏئي سنڌي هارين کي ظلم جي اوڙاھ ۾ اڇليو آهي. ملڪ جي حڪمران طبقي جي هاري دشمن پاليسين سبب سنڌ جي هارين جي زندگي زهر بڻجي وئي آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو آهي ته وڏيون جاگيرون ٽوڙي سنڌ جي بي زمين هارين کي زمينون ڏنيون وڃن ۽ اويڪيو پراپرٽي ۽ ڪوڙن ڪليمين سميت مختلف حربن سان پرڏيهين کي الاٽ ڪيل سنڌ جون زمينون ضبط ڪري سنڌي هارين کي مفت ۾ ڏنيون وڃن. ان سان گڏ سنڌ جي هارين جي ٻارن کي يونيورسٽين ۾ مفت ۾ داخلا ڏني وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.