تلهار ۾ ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف هاري ڪميٽي جو ڌرڻو

تلهار(پ ر) سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان سنڌ ۾ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف مرڪزي صدر ثمرحيدر جتوئي،مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ احمدنواز انقلابي جي اڳواڻي ۾ تلهار ۾ بدين اسٽاپ روڊ تي احتجاجي ڌرڻو هنيو ويو اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ڀاڻ جو مسئلو حل ناهي ڪيو ويو سرڪار اگه تي عمل ناهي ڪرايو ويو ڀاڻ بليڪ تي هلايو پيو وڃي هن ڪري سنڌ جا هاري،پورهيت سخت بيچئني جو شڪار آهن ڀاڻ جي مسئلي کي سنجيدگي سان حل ڪيو وڃي ۽ سنڌ جي هارين کي خصوصي پيڪيج ڏنا وڃن جيئن هاري ۽ پورهيت خوشحال ٿي سگهي سنڌ هاري ڪاميٽي مسلسل هارين جي حقن لاء تحريڪ هلائي رهي آهي هنن چيو ته هارين کي معاشي تباهي کان بچايو وڃي ۽ ٽينيسي ايڪٽ تي عمل ڪرايو وڃي سنڌ جون لکين ايڪڙ زمينون وڏيرن ڀوتارن جو ليزون ڪينسل ڪري مقامي هارين ۽ پورهيتن ۾ ورهايون وڃن جيستائين سنڌ جا هاري ۽ پورهيت خوشحال نه ٿيندا تيستائين ملڪ خوشحال نه ٿيندو سنڌ هاري ڪاميٽي اهڙين سازشين خلاف جلد حڪمتي عملي جوڙي سي ايم هائوس جو گهرائو ڪنداسين حڪمرانن سنڌ جي عوام سان دوکو ڪيو آهي سنڌ جو سنڌ جي تباهي لاء استعمال ٿي رهيو آهي سنڌ جا ماڻهو موجوده حڪمرانن جو اصل چهرو ڏسي ڇڏين هي عوام جا نمائنده نه پر پنهنجي مفادن جا نمائنده آهن هاڻي سنڌ هنن کي رجيڪٽ ڪندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.