پير ڳوٺ لڳ پراڻي تڪرار تان نوجوان قتل

پيرجوڳوٺ (رپورٽ: علي گل جوڻيجو) پيرجوڳوٺ لڳ فيض محمد ٻنڊو ٿاڻي جي حد ڳوٺ مينگھو خروس ۾ خروس برادري جي ٻن ڌرين منظور  خروس ۽ هزارو خروس واري ڌرين ۾ 5 سال اڳ گاھ ڪرڻ واري معاملي تان جھيڙو ٻيھر ڀڙڪي پيو، گوليون لڳڻ سبب منظور خروس واري ڌر جو 30 ساله نوجوان علي شيرپٽ علي حسن خروس ٿڏي تي قتل ٿي ويو، جڏهن ته هڪ ڄڻو عيدن خروس پڻ زخمي ٿي پيو آھي، اطلاع بعد ڊي ايس پي ڪيٽي پاڳارو غلام سرور ڀيو ۽ ايس ايڇ او فيض محمد ٻنڊو پوليس نفري، اي پي سي چين  ۽ بڪتربند گاڏي ساڻ ڪري ڄاڻايل هنڌ پھتا جتي مقتول علي شير خروس جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ پيرجوڳوٺ اسپتال آندو ۽ زخمي کي پڻ علاج لاءِ خيرپور موڪليو ويو آھي، مقتول جو لاش پيرجوڳوٺ اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سندس وارثن حوالي ڪيو ويو، لاش گهر پھچڻ تي وارث عورتن ۾ قھرام مچي ويو، جڏهن ته جھيڙيندڙ ڌرين ۾ فائرنگ جو سلسلو پڻ جاري هيو ۽ ڌرين جا ماڻھو هڪٻئي خلاف مورچا بند ٿي ڪچي جا گهٽ وٺي ويٺل هئا. آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.