سڪرنڊ لڳ پورهيت لوئي رڪشا ۾ ڦاسڻ سبب هيٺ ڪري فوت

سڪرنڊ (ن ع آ) سڪرنڊ ويجهو عيسو ڪيريو روڊ تي تيز رفتار چنگچي ڦٽو رڪشا هلائيندڙ ڊرائيور جي لوئي ٽائر ۾ ڦاسڻ ڪري سڪرنڊ  ڀرسان ڳوٺ بهادر جوکيو جو رهواسي نوجوان 25 ساله عرفان ولد عباس عمراڻي ڪري سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي تعلقه اسپتال سڪرنڊ آندو ويو جتي هو زخمن جا تاب نه سهندي فوت ٿي ويو. فوتي جو لاش ڳوٺ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. ٻي طرف سڪرنڊ باءِ پاس مير خان لغاري اسٽاپ وٽ نوابشاهه کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار مسافر وين اوچتو ڪلٽي ٿي وئي جنهن سبب نظير احمد ، عرفان علي ۽ همٿ زخمي ٿي پيا جن کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.