دريا خان مري ويجهو ٻن ڌرين ۾نبيرو، 5 لک ڏنڊ

دريا خان مري (ن ع آ)دريا خان مري ڀرسان ڳوٺ محمد رمضان مبيجو ۽ ڳوٺ ميرانپور جي (پلھ) ( مبيجا) برادري ۾ 33 سالن کان ھلندڙ خوني تڪرار جو فيصلو ڳوٺ چاناري ۾ مدرسه انوارالھدي حماديه ۾ قاري محمد حسن موروجو جي سرپئنچ ۾ ٿيو فيصلي ۾ پلھه برادري جي الھرکيو عرف پوڙھو پلھ غلام حيدر پلھ قادر بخش پلھ ۽ مبيجا برادري جي غلام سرور مبيجو گل محمد مبيجو سميت ٻنھي ڌرين جي ماڻھن وڏي تعداد م شرڪت ڪئي، ٻنھي ڌرين جون قرآن پاڪ تي ڳالھيون ٻڌڻ بعد امينن جي متفقه راء سان فيصلو ڪيو ويو ته مبيجا برادري 5 لک روپيه پلھ برادري کي 30 ڏينھن اندر ادا ڪندي جڏھن ته فيصلي م ٻنھي ڌرين تي شرط رکيا ويا فيصلي موجب پلھ برادري کي پابند ڪيو ويو ته شڪيل مبيجو ۽ ان جي ڀائرن جي طرفان ڪا تڪليف يا جھيڙو آھي ته ان ۾ مبيجا برادري جي ٻين ماڻھن کي بنا ثبوت جي شامل نه ڪندا جڏھن ته مبيجا برادري کي پابند ڪيو ويو ته شڪيل احمد ۽ ان جي ڀائرن کان جيئن لاتعلقي آھي ان کي برقرار رکندا ۽ پلھ برادري شڪيل مبيجو وارن سان ڪو به جھيڙو وغيره ڪندي ته مبيجا برادري سندن ساٿ نه ڏيندي ۽ شڪيل مبيجو وارن مان پلھ برادري کي ڪابه تڪليف آھي ته ان ۾ مبيجا برادري جي ٻين ماڻھن تي ايف آءِ آر نه ٿيندي فيصلي ۾ امين طور غلام رسول زرداري محمد عظيم راڄپر شاھ محمد سھتو محرم علي کوسو ھيا جڏھن ته سيد روشن علي شاھ سيد محب علي شاھ رئيس شفيق ميان راڄپر محمد يوسف راڄپر سيٺ غلام محمد خاصخيلي محمد اصغر راجپوت سيٺ طاھرالدين راجپوت رضوان احمد خانصاب محمد رمضان موروجو عابد حسين موروجو شرڪت ڪئي . واضح رھي ته تقريبا 33 سال اڳ پوليس اھلڪار منظور مبيجو کي اغوا ڪرڻ بعد قتل ڪرڻ تان مبيجا ۽ پلھ برادري جي 2 ڌرين ۾ خوني تڪرار شروع ٿيو ھيو جنھن م الھڏنو پلھ استاد خالد حسين پلھ کي قتل ڪيو ويو ھيو جڏھن ته شير مبيجو کي زخمي ڪيو ويو ھو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.