لکي ۾ اغوا جي معاملي جو نبيرو،فتويٰ جاري نه ٿي

لکي غلام شاھ(ت ر)چڪ ڀرسان ٻن مغوين بسم الله ۽ حبيب الله مهر جي اغوا ۽ بازيابي جي مامري جون ڳالهيون ابراهيم جتوئي ۽ غوث بخش مهر جي سرپئنچي ۾ ٿيون فتويٰ جاري ناهي ٿي. رسول بخش مهر (رپورٽ موجب)چڪ جي ڳوٺ ڪامل مهر واسي چڱي مڙس رسول بخش مهر  ڪامريڊ رحيم بخش مهر حبدار علي مهر  ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته ڪجھ مهينا اڳ بسم الله مهر ۽  حبيب الله مهر کي ڀرڙ جتوئي هٿياربند اغوا ڪري ويا هئا مهيني کانپوءِ بازياب ٿي گهر پهتا  هئا .بازياب ٿيل مغوين به ٻاجهي ڀرڙ جتوئي جي سڃاڻپ ڪئي آھي ٽريسنگ ذريعي ڏوهاري صابل ڀيو به ظاهر ٿيو هو اهڙي واقعي جو فيصلو ايم اين اي غوث بخش مهر ابراهيم جتوئي ۽ الطاف ڀيو  (جونيئر)جي سرپئنچي ۾ ٿيو هو فيصلي ۾ ڌرين جون ڳالهيون ٻڌيون ويون هيون پر سرپئنچن فتوي جاري ناهي ڪئي جوابدار ڌر ڪوڙ ڳالهائي ٿي ته فتويٰ جاري ٿيڻ ۽ پاڻ کي آجو قرار ڏيڻ بابت من گهڙت بيان ميڊيا کي ڏنو ويو آھي. اسانجو ڪيس ڪورٽ سڳوري ۾ هلي رهيو آھي ڪورٽ سڳوري مان انصاف جي اميد آھي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.