ميرپور خاص ۽ ڀرپاسي بدامني وڌي وئي ، جوابدار پڪڙ کان آجا

ميرپورخاص (بيوروپورٽ) ميرپورخاص شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ موٽرسائيڪلون ڦر چوري وارن واقعن سميت اسٽريٽ ڪرائم جي وارداتن  ۾ تيزي اچڻ جي باوجود پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ ۾ ناڪام بڻيل آهي، ميرپورخاص شهر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ موٽرسائيڪل ڦر سميت رات مهل رهواسين کان هٿيارن جي زور تي روڪ رقم ۽ موبائيل فون ڦر ڪرڻ وارين وارداتن ۾ تيزي اچڻ ۽ پوليس پاران ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيڻ تي عوام ۾ عدم تحفظ جو احساس وڌي رهيو آهي شهر جي سياسي سماجي ۽ سڄاڻ ڌرين مطالبو ڪيو آهي ته سهر ۾ وڌندڙ ڏوهن تي ظابطو آڻي عوام جي جان مال جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي ته جيئن عوام ۾ وڌندڙ عدم تحفظ جو احساس گھٽ ٿي سگهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.