قومن تي مرڪزيت نه مڙهي وڃي: اياز لطيف

ڪراچي (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ پاڪستان  جي مسئلن جو حل حقيقي فيڊريشن ۾ ئي آهي پاڪستان جو عوام مرڪزيت، ڪرپشن ۽ انتهاپسندي جي ڪري عدم تحفظ جو شڪار آهي عوام تي زبردستي مرڪزيت ۽ زبان جي جبري مسلط ڪرڻ تي بنگالي ناراض ٿيا هئا.اياز لطيف پليجي چيو تہ جيڪي ماڻھو سعودي ۽ آمريڪي پاليسين تي ھليا اھي ھاڻ ڏسو رستو تبديل ڪري ويا آهن سنڌ گئس پيدا ڪري ٿي پر سڄي سنڌ ۾ گئس جي لوڊشيڊنگ آهي سنڌ جي زراعت، ميرٽ ۽ ادارا تباھ ڪيا ويا آهن روزگار جا موقعا ختم ٿي رهيا آهن، تعليم تباھ ٿي رهي آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي حڪم تي ملڪ کي تباھ نہ ڪيو وڃي اسان ڏينهون ڏينهن وڌيڪ قرضدار ٿي رهيا آهيون پاڪستان جي غريب ماڻهن کي پٿر جي دور ۾ زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو ويو آهي.اياز لطيف پليجي چيو تہ مڪاني حڪومتن جو نظام عوام جي مفاد ۾ هجڻ گهرجي نہ ئي حڪمرانن جي سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ عورتن ۽ اقليتن کي برابري جا حق ڏنا وڃن سينيٽ کي قومن جو حقيقي نمائندو ۽ طاقتور فورم بڻائڻو پوندو پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي سبب عوام پريشان آهي.جيڪڏهن 1940ع واري قرارداد تي عمل ٿئي ها ته ملڪ جي اهڙي حالت نہ هجي ها.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.