احمد خان چانڊيو ڪميٽڊ اڳواڻ هو: اڳواڻ

نوان جتوئي(ن ع آ)قوم پرست اڳواڻ ماما احمد خان چانڊيو جي 10 ورسي نوان جتوئي ڀرسان ڳوٺ ھوت خان چانڊيو ۾ جيئي سنڌ محاذ ”خالق جوڻيجو“ پاران ملهائي وئي، ان موقعي تي جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ ھاشم کوسو، سنڌ ساگر پارٽي اڳواڻ يوسف منگي، جسقم آريسر جو مرڪزي پورھيت اڳواڻ ملوڪ کوسو، ۽ ٻين خطاب ڪندي  چيو ته ھو  دوستن جو دوست ھو، احمد خان چانڊيو بهترين انقلابي ڪميٽيڊ اڳواڻ ھو، احمد خان چانڊيو جاگيرداري نظام کي للڪاريو، ھو مظلوم جو  دوست ۽ پورھيت جو دوست ھو، ھو مظلومن سان گڏ بيٺل رھندو ھو،  ھنن چيو ته موجوده حڪومت غريب عوام کي مهانگائي ۾ نپوڙي ڇڏيو آھي، ھنن چيو ته سنڌ جا وڏيرا، جاگيردار سنڌ جي دشمنن سان گڏ بيٺل آھن، ذات پرستي ۽ مذھبي پرستي سنڌ دشمني تي مشتمل ايجنڊا آھي جنهن تي ڪم ٿي رھيو آھي، سماج کي ٺيڪ ڪرڻو آھي ته اوچ ۽ نيچ کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آھي . ھن چيو ته احمد خان چانڊيو ھڪ بهترين اڳواڻ سان گڏ ڪارڪن به ھو، پاڻي  وارو مسئلو ۽ ڌاري آبادگاري سنڌ خلاف سازش آھي، اسان کي احمد خان چانڊيو جهڙا ڪارڪنن ۽ اڳواڻ پيدا ڪرڻا پوندا، احمد خان چانڊيو علائقي جي سياست ۾  نواڻ آندي، احمد خان چانڊيو اقليتي برادري کي اڳتي آڻي انهن کي حق وٺڻ سيکاريو، ھنن چيو ته ڪرپشن ھاڻي جي ناھي ھي ڪرپشن انگريزن جي دور کان جاري آھي،  ھنن چيو ته مامو احمد خان سڀني سان پيار ڪندو ھو، ضرورت ان ڳالھ جي آھي احمد خان چانڊيو جي مشن پورو ڪجي،  جسم جي مرڪزي اڳواڻ امداد سنڌي خطاب ڪندي چيو ته ڪامريڊ احمد چانڊيو سچو ۽ کرو ماڻهو ھو، احمد خان چانڊيو جاگيردارن، وڏيرن، سردارن خلاف ڪمون شهيد کان لانگ مارچ ڪيو ھو، اسان کي  احمد خان چانڊيو جي مشن کي پورو ڪرڻ جي ضرورت آھي، نوان جتوئي ۾  جڏھن باگڙي برادري کي  زبردستي لڏايو پئي ويو ته ان مهل احمد خان چانڊيو جي اڳواڻيءَ ۾ نوان جتوئي_مورو روڊ تي ڌرڻو هڻي باگڙي برداري جي ڀرپور حمايت ڪئي،  احمد خان چانڊيو جي ايم سيد جي نظريي سان سلهاڙيل ھو، سنڌ جي دردن کي محسوس ڪندو ھو، ھنن چيو تہ  سنڌ جي عوام بک ۽ افلاس جو شڪار آھي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.