ڊيرا مراد جمالي واسي فائرنگ جو زخمي چانڊڪا اسپتال داخل

لاڙڪاڻو(ڊ ر) بلوچستان جي شهر ڊيرا مراد جمالي جي ارباب شاهه پاڙي ۾ مبينا طور ڀيڻوين سان تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي  ۾ نوجوان شوڪت بنگلاڻي سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي سندس وارثن زخمي حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ داخل ڪرايو جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي زخمي نوجوان جي سئوٽ خالق داد بنگلاڻي ٻڌايو ته شوڪت بنگلاڻي جو پنهنجي ڀيڻوين سان تڪرار هلندڙ آهي جنهن ڳالهه تان الهه بخش، نظير بنگلاڻي ۽ ٻين کيس فائرنگ ڪري زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا جنهن بعد اسان کيس لاڙڪاڻي جي اسپتال داخل ڪرايو آهي. هن مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري اهڙو ڪيس داخل ڪيو وڃي.

  • ڊگھڙي ۾ دڪان جو شٽر کولڻ سبب نوجوان جي ٻانھن زخمي

ڊگھڙي  (ن ع آ ) ڊگھڙي شھر ۾دوڪان جو شٽر کولڻ سبب  محمد رمضان آرائين کي ڌڪ لڳڻ ڪري  ٻانهن ۾ لوھ جا ڪوڪا لڳا جنهن ۾ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي  وارثن سول اسپتال ڊگھڙي کڻائي  پھتا جتي ڊاڪٽرن طرفان طبعي پڻ ڏني وئي.

  •  دادو ۾ امينا آرائين جي آپگهات وارو معاملو، مڙس جو احتجاج

دادو ( ڊ ر ) ريلوي لائين واري علائقي ڇاڻو شاهه آباد محلا ۾ 20 ڏينهن اڳ مبينا طور خودڪشي ڪندڙ عورت امينه ڌي پانڌي آرائين  جي مڙس عرفان کوسو دادو پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو آهي ته سندس گهرواري کي پنهنجي پئ پانڌي آرائين قتل ڪيو آهي جنهن کي خودڪشي جو رنگ ڏنو پيو وڃي، هن چيو ته 4 مهينا اڳ امينا سان ڪورٽ ميريج ڪئي هئي ۽ شادي جي هڪ مهيني بعد امينا پنهنجي والدين سان ملڻ لاء وئي جنهن کانپوء ڇوڪري جي والدين ڇوڪري جي ڪنهن ٻي هنڌ پئسن جي لالچ ۾ ٻي هنڌ شادي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي جنهن بعد منهنجي گهرواري مون سان فون تي ڳالهائيندي چيو هو ته والدين زبردستي ٻي هنڌ شادي ڪرائڻ لاء موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، گهرواري سان ٿيل ڳالھ ٻولھ جي آئيڊيو وائرل ٿيڻ کانپوء دادو پوليس سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي ان ڪيس ۾ مون کي شاهد طور شامل نه ٿو ڪيو وڃي جنهن سبب خدشو آهي ته منهنجي گهرواري جو خون لڙهي ويندو. نوجوان عرفان کوسو آء جي سنڌ، ڊي اء جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کان گهر ڪئي ته ڪيس جي شاهدي ۾ شامل ڪري مامري جي شفاف جاچ ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.