لاڙڪاڻي ۾ ناري مبينا اغوا، سندس ڀاءُ گرفتار، پيرسن والدين جو احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ نوجوان ناري مبينا اغوا، پوليس ناري کي اغوا ڪرڻ بجاءِ ٻي عورت جي اغوا جو ڪيس ناري جي وارثن مٿان داخل ڪندي سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو، ڌيءَ جي مبينا اغوا ۽ پٽجي گرفتاريءَ تي سندن جي پيرسن امڙ پنهنجي مڙس سميت احتجاج ڪندي بيهوش ٿي پئي، آٿت ڏئي پيرسن کي هوش ۾ آندو ويو، پيرسن زال مڙس ڌيءَ کي بازيابي ۽ پٽ جي آزادي جو مطالبو ڪري مڙس سميت پاڻ ساڙڻ جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي ڀرسان کوسا ڳوٺ جي رهواسي پيرسن زال مڙس پاڪ ڪتاب کڻي مبينا اغوا ٿيل نوجوان ڌيءَ جي بازيابي ۽ بااثرن خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو جنهن دوران پيرسن بااثرن کي پٽون پاراتا ڏئي بيھوش ٿي پئي جنهن کي سندس معذور پيرسن مڙس آٿت ڏئي هوش ۾ آندو. ان موقعي تي پيرسن عورت غلام سڪينه پنهنجي معذور مڙس مٺل چن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته 8 ڏينهن اڳ منهنجي ڌيءَ زاهده ڳوٺ جي عورت بسم الله زال عرفان مغيري وارن جي گهر وئي بعد ۾ مون پنهنجي ڌيءَ کي گهر وٺي وڃڻ لاءِ وئي هيس جتي عرفان ۽ سندس سهري نثار چانڊيو چيو ته زاهده کي بسم الله نه ٿي ڇڏي اوهان صبح جي وقت کيس وٺي وڃو صبح جي وقت عرفان وارن جي گهر وئيس جتي عرفان ۽ سندس سهري ڌيءَ کي اغوا ڪري گم ڪرڻ بعد پنهنجي گهر واري بسم الله مغيري جي اغوا جو ڪوڙو الزام اسان مٿان لڳائي گهر ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي جتان هو ننهن جي ڏاج جو سامان، تولو سون، ڏنڊي ۽ سولر وارا پکا، ٿانو ۽ ٻيو سامان کڻي بسم الله مغيري جي اغوا جو ڪيس مون سميت منهنجي پيرسن مڙس مٺل، پٽن ڪامران ۽ غلام نبي چن مٿان وليد ٿاڻي تي داخل ڪري 3 ڏينهن اڳ پٽ ڪامران چن کي گرفتار ڪرائي ڇڏيو. هن چيو ته عرفان مغيري ۽ نثار وارن بسم الله کي لڪائڻ سان گڏ ڌيءُ کي اغوا ڪري اسان مٿان ڪوڙا الزام لڳائي رهيا آهن جنهن ڪري منهنجي ڌيءُ جي حياتي کي خطرو آهي. هن سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو سميت ٻين وس وارن وارن کي اپيل ڪئي ته ڌيءَ کي بازياب ۽ پٽ کي آزاد ڪرائي سامان واپس ڪرائڻ سان گڏ بسم الله خاتون واري معاملي جي جاچ ڪرائي انصاف فراهم ڪيو وڃي . ٻي صورت اسين زال مڙس پاڻ کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏينداسين جنهن جي ذميواري بااثرن مٿان هوندي. ان حوالي سان رابطي ڪرڻ تي وليد پوليس ٻڌايو ته نثار چانڊيو پنهنجي 19 سالن جي ڌيءُ بسم الله جي اغوا جو ڪيس گناهه نمبر 2022/01 تحت رڪشا ڊرائيور ڪامران چن مٿان داخل ڪرايو هو جنهن کان پوءِ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته ڪامران چن کي پوليس گرفتار ناهي ڪيو سندس وارثن طرفان نوجوان جي گرفتاريءَ جا بي بنياد الزام لڳايا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.