گهوٽڪيءَ ۾ اغوا کان بچي ويل شاگردياڻي تعليم ڇڏي ڏني

گهوٽڪي ( ڊ ر ) گهوٽڪيءَ ۾ اغوا ٿيڻ کان بچي ويل شاگردياڻي پڙهائي ڇڏي ڏني،خبر موجب  گهوٽڪي ۾ فرسٽ ايئر جي شاگردياڻي راحت شيخ جي مبينا اغوا ڪوشش ۾ ملوث جوابدارن  کي پوليس گرفتار نه ڪري سگهي. شاگردياڻيءَ پڙهائي ڇڏي گهر ويهي رهي.گهوٽڪي شهر جي قادريه فيڪٽري محلي جي رهواسڻ شاگردياڻي راحت شيخ موجب جوابدارن پاران ٻيهر اغوا جي خوف سبب ڪاليج وڃڻ ڇڏي ڏنو آهي. گهوٽڪي پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. شاگردياڻي راحت شيخ ٻڌايو ته ٻيهر اغوا ٿيڻ جي خوف سبب گهر ۾ بند ٿي وئي آهيان ۽ ڪاليج به نٿي وڃي سگهان جنهن سبب پڙهائي متاثر ٿي رهي آهي. متاثره شاگردياڻي ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اغوا جي ڪوشش ڪندڙ جوابدارن رفيق ميراڻي، راجا ميراڻي ۽ سندن ساٿين کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو وڃي. رابطو ڪرڻ تي گهوٽڪي پوليس جو چوڻ هو ته معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.