خيرپور اسٽيشن تي علامه اقبال ايڪسپريس مان ڪري نوجوان فوت

خيرپور (س ر) علامه اقبال ايڪسپريس ڪراچي کان پنجاب طرف وڃي رهي هئي ته خيرپور ريلوي اسٽيشن تي هلندڙ ٽرين مان نوجوان شيراز احمد ميمڻ لهي رهيو هو ،جنهن جو پير ترڪي ويو،جنهن جي نتيجي ٺيڙهي جو رهواسي نوجوان شيراز  احمد ميمڻ ڪري پيو ۽ مٿي ۾ ڌڪ لڳڻ سبب نوجوان ٿڏي تي فوت ٿي ويو جڏهن ته فوتي نوجوان جي سڃاڻپ شيراز احمد ولد مرحوم عبدالستار ميمڻ ويٺل ٺيڙهي جي ٿي آهي، پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي ضروري ڪاروائي لاء سول اسپتال خيرپور منتقل ڪري ڇڏيو جتي وارثن پهچي لاش کڻائي ويا ، لاش گهر ۾ پهچڻ سبب ڪهرام مچي ويو.ٻڌايو ته وڃي ٿو ته فوتي نوجوان شيراز احمد ميمڻ گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ هيو ماءُ پيءُ کي اڪيلو پٽ هيو جيڪو حادثي فوت ٿي ويو، مرحوم جن چار ڀينر آهن جيڪي لاش کي ڏسي چبڙي ويون ويو ۽ سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي رهيا هئا.

  • تنگواڻي لڳ ٻن موٽرسائيڪلن وچ ۾ ٽڪر،6 ڄڻا زخمي

تنگواڻي(ن ع آ) شبيرآباد پوليس ٿاڻي جي حد نظرواھ اسٽاپ ٺل ڪنڌڪوٽ انڊس هاءِ وي تي ٻن تيز رفتار موٽرسائيڪلن  ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي ۾ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ عبدالڪريم، عيدن بگٽي،غلام ياسين،دنگلو بگٽي شربت علي بنگلاڻي،منصب بنگلاڻي شامل آهن،زخمين مان 2 ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي منتقل ڪيوويو.

  • پوليس جي ڪاررائي ۾ لکي واسي مغوي آزاد

لکي غلام شاھ(ت ر)لکي غلام شاھلکي غلام شاھ 38 ڏينهن اڳ عبدو شهر مان مذهبي جلسو اٽينڊ ڪرڻ بعد گهر لکي واپس ايندي سکر/شڪارپور روڊ تان اغوا ٿيل مغوي زوهيب ڀٽو بازياب ٿي گهر پهچي ويو شڪارپور پوليس پاران مغوي زوهيب ڀٽو کي چڪ جي محمودآباغ واري علائقي مان پوليس آپريشن دوران ڏوهاري ڪٽو ڪرسي ۽ علي شير ڌميو جي ٽولي وٽان بازياب ڪرائڻ جي دعوه ڪئي وئي آهي،مغوي زوهيب ڀٽو کي بازياب ڪرائڻ بعد لکي آندو ويو بازيابي جي خبر ٻڌڻ شرط وارثن ۽ شهر واسي هزارن جي تعداد ۾ لکي بس اسٽينڊ ٿي پهچي مغوي جو آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ مٺايون ورهايون ويون جهان خان پوليس چوڪي انچارج جاويد بلالي کي پڻ پئسن ۽ گلن جون ڪنڊيون پارايون ويون،ٻئي طرف علائقي ۾ چئوٻول هلندڙ آهن ته مغوي جي وارثن کان 5 کان 10 لک روپيا ڀنگ پولس معارفت ورتا ويا آهن جنهن ۾ هڪ پوليس عملدار ڏوهاري ۽ وارثن سان ڪيترن ئي ڏينهن کان رابطي ۾ هيو ۽ مغوي کي چار ڏينهن اڳ بازياب ڪرايو ويو هو ڀنگ ملڻ شرط مغوي کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي جنهن ڳالھ کي راز ۾ رکڻ جو چيو ويو آهي هوڏانهن بازياب ٿيل زوهيب ڀٽو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ان رات عبدو ڳوٺ مان مذهبي جلسو اٽينڊ ڪرڻ بعد واپس گهر اچي رهيو هيس ته سکر/شڪارپور روڊ شر لاڙي پوليس چوڪي سامهون 5  هٿياربندن هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي روڊ کان هيٺ لاهي موٽرسائيڪل سميت لنڪ روڊ سان کڻي وڃي اڳتي اکين تي پٽيون ٻڌي کڻي وڃي ويران نامعلوم هنڌ تي رکيو هو جتي ڀنگ ڏيڻ جا ٽارچر ڏيندا هئا ڪجھ ڏينهن کان ان علائقي ۾ پوليس آپريشن هلندڙ هو گذريل ڏينهن پوليس جي آپريشن دوران ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو جنهن ڪري هو مونکي ڇڏي فرار ٿي ويا بعد ۾ پوليس پهچي مونکي بکتر بند گاڏي ۾ ويهاريو ڪو ڀنگ نه ڀريو آهي، بازياب ٿيل نوجوان جي پيءُ روشن علي ڀٽو چيو ته پٽ جي بازيابي لاء ڪو به ڀنگ نه ڀريو آهي پوليس پٽ کي بازياب ڪرايو آهي پٽ جي گهر پهچڻ تي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي آءُ تمام شهر واسين سميت جيڪي به هن ڏک جي گهڙي ۾ شريڪ ٿيا ۽ جن پٽ جي بازيابي لاء ڪوششون ڪيو انهن سڀني جو ٿورائتو آهيان اڄ پٽ صحيح سلامت واپس ٿيو آهي ان کان وڌيڪ ٻئي ڪا خوشي ڪونهي.

  • شھدادڪوٽ ۾ نياڻي جي آزاديءَ لاءِ  وارثن جو ڌرڻو

شھدادڪوٽ( ڊر ) نياڻي بازياب ڪرايو,شھدادڪوٽ ۾ ڳوٺ بيگ محمد ڀرڳڙي جي رھواسن پاڪ ڪتاب ھٿن ۾ کڻي سنجر  ڀٽي ايس ايڇ او جي ناانصافين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو ھنيو جتي (ن) ليگ اڳواڻ ڪامريڊ شعبان جمالي به پنهنجي ڪارڪنن سميت شريڪ ٿي يڪجھتي جو اظهار ڪري پوليس جي اعليٰ اختيارن کان نياڻي جي بازيابي جو مطالبو ڪيو, ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي مغوي نياڻي جي وارثن راحب ڀرڳڙي,رزاق ڀرڳڙي ۽ ٻين چيو ته 15 ڏينهن اڳ حسين ڀرڳڙي ۽ ارباب ڀرڳڙي اسان جي ڳوٺ بيگ محمد ڀرڳڙي ۾ گھر اندر داخل ٿي ھٿيارن جي زور تي اسان جي مئٽرڪ پڙھندڙ نياڻي ڪائنات کي زبردستي سان اغوا ڪري کڻي ويا آهن جنهن جي دانهن سنجر ڀٽي ٿاڻي جي ايس ايڇ او  کي ڏني آهي پر ايس ايڇ او نياڻي کي اڃان تائين بازياب نه ڪرايو آهي ويتر جوابدارن سان ٻٽ بڻجي اسان کي خاموش ڪرڻ لاء داٻا ڏيئي رھيو آهي ھنن چيو ته ناجائزي به اسان سان ٿي آهي وري ايس ايڇ او جوابدارن جي وانگار وھندي نه فرياد ٿو داخل ڪري ۽ نه وري جوابدارن کي گرفتار ٿو ڪري,ھنن ايس ايڇ او تي الزام ھنيو ته ھن جوابدارن کان ڳري رقم وٺي انهن کي تحفظ پيو ڏي جنهن ڪري جوابدار نياڻي واپس نه پيا ڪن, ھنن آء جي سنڌ, ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي قمبر شھدادڪوٽ سميت انساني حقن جي تنظيمن کي مدد جي اپيل ڪئي آهي ته نياڻي کي بازياب ڪرائڻ ۾ مدد ڪري جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.