ملير ڀرسان ٿاڻي تي ڇاپو، 3باندي هٿ نه آيا

ملير (ڊ.ر) ملير جي جوڊيشل مئجسٽريٽ پاران اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، ڇاپي کان اڳ اسٽيل ٽائون پوليس ناحق باندي بڻايل ٽن ڳوٺاڻن کي لاڪ اپ مان گم ڪري ڇڏيو، گرفتار ڪيل ڳوٺاڻن جون کنيل ٻه موٽر سائيڪلون ٿاڻي مان هٿ، هٿ آيل موٽر سائيڪلون اسان کي جهنگ مان لاوارث حالت ۾ هٿ آيون هيون، پوليس، جوڊيشل مئجسٽريٽ پاران ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون کي رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ٿيڻ جو حڪم، خبر موجب جوڊيشل مئجسٽريٽ نمبر5 ملير پاران قادر نگر جي ڳوٺاڻي منظور مگسي جي درخواست تي اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو هنيو، ڇاپي دوران ناحق باندي بڻايل ٽن ڳوٺاڻن علي نواز مري، سانول مري ۽ اڪبر مگسي کي پوليس لاڪ اپ مان ڪڍي گم ڪري ڇڏيو، جڏهن ته پوليس پاران ڳوٺاڻن جي گرفتاري وقت سندن گهرن مان کنيل ٻه موٽر سائيڪلون ٿاڻي مان هٿ ڪري ورتيون، جن جي اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي روزنامچي ۾ ڪابه داخلا رکيل نه هئي، ان موقعي تي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون پاران جوڊيشل مئجسٽريٽ کي ٻڌايو ويو ته ڳوٺاڻن جي گرفتاري سان اسان جو ڪو تعلق نه آهي جڏهن ته هٿ آيل موٽر سائيڪلون اسان کي جهنگ مان لاوارث حالت ۾ مليون، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن منظور مگسي ۽ ٻين صحافين کي ٻڌايو ته اسٽيل ٽائون پوليس ٻه ڏينهن اڳ رات جي وقت اسان جي گهرن تي وڏن اٽالن سان چڙهائي ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪندي گهر ۾ موجود عورتن ۽ ٻارڙن مٿان سخت تشدد ڪرڻ سان گڏ گهر ۾ پيل 24 هزار روڪ رقم، سونا زيور، چار موبائل فون ۽ ٻه موٽر سائيڪلون کڻڻ بعد منهنجي پٽ اڪبر مگسي کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ اسان جي پاڙي ۾ رهندڙ ٻن نوجوانن علي نواز مري ۽ سانول مري کي پڻ گرفتار ڪري کڻي وئي، اهڙي درخواست اسان ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ملير کي ڏني، جنهن پاران جوڊيشل مئجسٽريٽ کي حڪم جاري ڪيو ويو، هن چيو ته اسان اسٽيل ٽائون ٿاڻي جي لاڪ اپ ۾ منجهند جي وقت ملاقات ڪري وياسين، جڏهن ته عدالتي ڇاپي وقت پوليس گرفتار ڳوٺاڻن کي لاڪ اپ مان ڪڍي نامعلوم هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته پوليس اسان جي نوجوانن کي ڪوڙو مقابلو ڄاڻائي ماري نه ڇڏي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.