ڌاٻيجي ۾ھڪ ئي رات ۾ چوري جون 2 وارداتون

ڌاٻيجي(ن ع آ) نمائندو گذريل رات دير سان نامعلوم.چور سليمان ڪلمتي جي مارڪيٽ مان عدنان راجپوت جي ڪپڙي جي دڪان جا تالا ٽوڙي ڪپڙن سميت روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا جڏھن ساڳي علائقي بلال نگر جي سرڪاري اسڪول مان نامعلوم چور بجلي جو سامان کڻي ويا علائقي ۾ خوف واري صورتحال پيدا ٿي وئي انهي موقعي تي علائقي واسين اسڪول جي استاد مراد ناهيو ،آدم بلوچ ۽ ٻين ٻڌايو ته چيو سياري جي موسم وڌنڌئي چورن رڻ ٻاري ڏنو آھي هنن ايس ايس پي ٺٽو کان گهر ڪندي چيو ته ڌاٻيجي جي ڀرپاسي واران علائقن ۾ سيڪورٽي وڌائي ڪري علائقي واسين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.