ايس يو پي جا اڳواڻ بغاوت ڪيس مان باعزت بري

ڪوٽڙي(ن ع آ)  ڪوٽڙي  ثقافتي ريلي ڪڍڻ تي چامشوري ۾ داخل ڪيل بغاوت ڪيس معاملو  ڄامشوري جي عدالت پاڻ مرادو گرفتاري  ڏريندڙ ايس يو پي جي شاگرد ونگ سياف اڳواڻن مٿان داخل ڪيل ڪيس خارج ڪري ڇڏيو،انويسٽيگيشن آفيسر پاران  داخل ڪرايل حتمي چالان ۾   ملڪ خلاف نعريبازي جو ڪوبہ ثبوت پيش نہ ڪري سگهي جنهن تي  ٽن باندي ڪارڪنن سياف مرڪزي صدر اسيس لغاري، زيب جتوئي ۽ امر آڪاش کي جڊيشل مئجسٽريٽ اينڊ سول جج اياز قريشي جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو ٻڌڻي دوران سياف اڳواڻن جي  وڪيلن مير احمد مڱريو ۽ ٻين جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ڪيس کي سي ڪلاس ڪري ڇڏيو ان موقعي تي ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ روشن ٻرڙو، امير آزاد پنهور ۽ ٻين چيو تہ بغاوت جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪري ڪارڪنن کي هيسائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪا سراسر ذيادتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.