بٺوري ۾دڪان کي کاٽ، روڪ رقم سامان چوري

ميرپور بٺورو (ن ع آ)ميرپوربٺورو جي عيد گاہ روڊ تي قائم حميد کاڙڪ جي جنرل اسٽور جي رات دير سان نامعلوم چورن ڇت ٽوڙي دڪان  ۾ پيل 60 هزار رپين جا هار، روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري ويا، دڪان مالڪ صبح جو دڪان کوليو ته چوري بابت معلوم ٿيو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جائي واردات جو معائنو ڪيو ۽ جوابدار گرفتار ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي، ياد رهي ته ميرپوربٺورو ۾ ڏوهي وارداتن سبب چوريون ۽ ڏوهي وارداتون معمول بڻيل آهن ليڪن تعلقي پوليس انتظاميا ڏوهارين خلاف ڪاروائي ڪرڻ بجائي هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.