جوابدارن جو وڪيل پيش نه ٿيو، ٻڌڻي 22 جنوري تائين ملتوي

سکر(رپورٽ:شفيع محمد ابڙو) جي يو آءِ اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2  جي جج سيد شڪيل حيدر شاهه جي عدالت ۾ ٿي گذري، ٻڌڻي دوران جوابدار ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب عدالت ٻڌڻي 22 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته وڪيل پيش نه ٿيڻ سبب شاهدن جا بيان پڻ رڪارڊ نه ٿي سگهيا، هوڏانهن ٻڌڻي تي فريادي ڌر پاران مولانا طاهر محمود سومرو، اقبال احمد سومرو، وڪيل اطهر عباس سولنگي، سيد حماد الله شاهه، مولانا محمد صالح انڍڙ، حافظ عبدالحميد مهر ۽ ٻيا پيش ٿيا. ياد رهي ته 8 سال اڳ جي يو آءِ اڳواڻ علامه ڊاڪٽر خالد محمود کي سکر ۾ فائرنگ ڪري شهيد ڪيو ويو هو، جنهن جو ڪيس 8 سالن کان دهشتگردي ٽوڙ عدالت م هلي رهيو آهي، ٻي طرف مولانا طاهر محمود سومرو عدالت ٻاهران چيو ته 8 سال گذري وڃڻ باوجود ڪيس جو فيصلو نه اچي سگهيو آهي پر پوءِ به اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.