سنڌ حڪومت ڪراچي تي خرچ ڪري ها ته شهر جي صورتحال بهتر هجي ها: اسد عمر

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) منصوبا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سنڌ سرڪار مڪاني حڪومتن کي مفلوج ڪري اختيار پاڻ وٽ رکي ڇڏيا آهن، سنڌ سرڪار جيڪڏهن ڪراچي تي ڪجهه خرچ  ڪري ته شهر جي صورتحال بهتر ٿي وڃي.

ڪراچي ۾ تقريب کي خطاب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته ڪورونا جي وبا دوران رڳو سنڌ ۾ 66 ارب رپيا حقدار ماڻهن ۾ ورهايا ويا، وفاقي سرڪار ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي لاءِ هڪ کان وڌيڪ پروگرام شروع ڪيا آهن، وزيراعظم عمران خان ايمانداري سان ماڻهن جي خدمت ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي ڳڻپ انهن ملڪن ۾ آهي، جتي ماڻهو گڏ رهڻ وارن ماڻهن جي مدد ڪن ٿا، ڪراچي جي ڳڻپ به اهڙن شهرن ۾ ٿيندي آهي، 10 جنوري تي گرين لائن منصوبو مڪمل طور شروع ٿي ويندو.

سندس چوڻ هو ته وفاق جو حاصل ٿيندڙ روينيو بچاءَ ۽ وفاقي ادارن تي خرچ ٿيندو آهي، باقي پئسو واپس صوبن وٽ ايندو آهي، انهن پيسن جو ڪجهه حصو ڪراچي تي خرچ ٿئي ها ته شهر جي صورتحال گهڻي بهتر هجي ها.

اسد عمر چيو ته هڪ اجلاس ۾ وڏو وزير مراد علي شاهه پڇي ٿو ته وفاق منهنجي صوبي ۾ ڇو ڪم ڪري رهيو آهي؟ نظام ناهي، ان ڪري اسان کي ڪم ڪرڻو پوي ٿو، اسان کي ڀٽو جي ٺاهيل آئين موجب بااختيار مڪاني حڪومت گهرجي، اسان ڪراچي جي لاءِ وڌيڪ نه پننداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.