ڪوٽڙي: پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڪوٽڙي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

پيرا ميڊيڪل جي مرڪزي اڳواڻ محمد شريف، معشور علي، شريف پالاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پيرا ميڊيڪل اسٽاف پاران بلاول ميڊيڪل اسپتال جي مين گيٽ آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته  سڄي سنڌ ۾ پنهنجن حقن لاءِ احتجاج ڪندا پيا اچون پر حڪومت پگھارن ۾ واڌ سميت ٻيا جائز مطالبا تسليم ناهي ڪري رهي.

هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته جيڪڏهن سندن مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته او پي ڊيز جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.