ڄامشورو: ملڪ خلاف بغاوت جو ڪيس، عدالت پاران ايس يو پي اڳواڻن مٿان داخل ڪيل ڪيس خارج

ڄامشوري جي عدالت ثقافتي ڏهاڙي تي ڄامشوري ۾ ايس يو پي اڳواڻن مٿان داخل ڪيل بغاوت جو ڪيس خارج ڪري ڇڏيو.

جڊيشل مئجسٽريٽ اينڊ سول جج اياز قريشي جي عدالت ۾ ايس يو پي جي ٽن ڪارڪنن سياف مرڪزي صدر اسيس لغاري، زيب جتوئي ۽ امر آڪاش کي پيش ڪيو ويو.

انويسٽيگيشن آفيسر پاران  داخل ڪرايل حتمي چالان ۾  ملڪ خلاف نعريبازي جو ڪوبه ثبوت پيش نه ڪيو ويو.

ٻڌڻي دوران سياف اڳواڻن جي  وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد عدالت ڪيس کي سي ڪلاس ڪري اڪلائي ڇڏيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.