مٺي: سپريم ڪورٽ ٿر کي پنهنجا حق ڏياريندي: چيف جسٽس گلزار احمد

چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو آهي ته سپريم ڪورٽ ٿر کي پنهنجا حق ڏياريندي.

مٺي ۾ بار ايسوسيئيشن جي ڊجيٽل لائبريري جو افتتاح ڪرڻ بعد تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس گلزار احمد چيو ته ٿر معدني وسيلن سان مالامال آهي پر وڏي افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته عوام کان اهو حق کسيو ويو آهي، جيڪو ملڪي آئين جي نظر ۾ به وڏو ڏوهه آهي.

هن چيو ته ٿر ۾ ڪا به شيءِ ٿرين جي راءِ کان سواءِ اڳتي نه وڌڻ گھرجي، ٿر ۾ تعليمي ادارن ۽ صحت جي صورتحال خراب آهي، ٿر جي مسئلن تي پٽيشن داخل ڪرائي آئون پاڻ ڪيس ڏسندس، سپريم ڪورٽ ٿر کي پنهنجا حق ڏياريندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.