سنڌ ۾ هڪ ٻي ميڊيڪل شاگردياڻي جو موت، ڌيءَ کي هراسان ڪيو ويو: پيءُ

 

دادو (رپورٽ: عزيز احمد ملڪ) دادو ۾ سيتا روڊ جي علائقي ۾ ميڊيڪل جي آخري سال جي شاگردياڻي ڊاڪٽر عصمت جميل راجپوت مبينا طور پنهنجي گهر اندر پاڻ مٿان بندوق جو فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو.

دادو جي تعلقي خيرپور ناٿن شاھه ويجهو سيتا روڊ شهر جي وارڊ نمبر 7 مان شاگردياڻي جو گولي لڳل لاش هٿ ڪيو ويو، 21 ورهين جي عصمت راجپوت پيپلز ميڊيڪل ڪاليج نواب شاھه ۾ ايم بي بي ايس جي فورٿ ايئر جي شاگردياڻي هئي.

اطلاع تي سيتا روڊ پوليس پهچي ڊاڪٽر عصمت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو، جنهن کانپوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو.

پوليس جو چوڻ هو ته ناري عصمت راجپوت آپگهات ڪيو آهي.

هوڏانهن شاگردياڻي جي پيءَ خالد جميل چيو ته نياڻي گذريل ڏينهن پنهنجي ڀاءَ نادر سان گڏ سيتا روڊ گهر پهتي هئي.

هن الزام هنيو ته شمن سولنگي ۽ ان جو پٽ فيض سولنگي منهنجي نياڻي کي بليڪ ميل ڪري پئسا وٺندا رهيا آهن، ٻنهي ڪوڙو نڪاح نامو ٺهرائي منهنجي نياڻي کي هراسان ڪيو، جنهن جي ڪري منهنجي نياڻي پريشان هئي، ٻه ڏينهن اڳ شمن سولنگي ۽ فيض سولنگي تي ڪيس داخل به ڪرايو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.