رضا رباني جو مري سانحي تي قومي سوڳ ۽ عدالتي جاچ جو مطالبو

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته مري سانحو هڪ قومي آفت آهي، حڪومت قومي سوڳ جو اعلان ۽ واقعي جي جڊيشل انڪوائري ڪرائي.

پنهنجي بيان ۾ رضا رباني چيو ته خراب موسم باوجود سياحن جو مري پهچڻ انتظامي ناڪامي آهي ۽ سانحي جي ذميواري صوبائي ۽ ضلعي انتظاميا آهي.

هن چيو ته مري ۾ سياح پاڻي ۽ خوراڪ بنا واڙيل رهيا، جڏهن ته پنجاب جو وڏو وزير لاهور ۾ موجود رهيو، کيس لاهور بدارن مري پهچي پاڻ آپريشن جي نگراني ڪرڻ گهرجي ها.

رضا رباني مطالبو ڪيو ته مري سانحي جي سپريم ڪورٽ جي جج جي سربراهي ۾ جڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، حڪومت سوڳ جو اعلان ڪري، آپريشن ۾ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.