”مري ۾ قيامت برپا هئي ۽ وفاقي وزير  اپوزيشن خلاف ڳالهائيندا رهيا“

 

لاهور (ويب ڊيسڪ)  ن ليگ جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو آهي ته هڪ پاسي مري ۾ قيامت برپا آهي ۽ ٻئي پاسي وفاقي وزير پريس ڪانفرنس ۾ شهباز شريف کي جيل اماڻڻ جي دعويٰ ڪري رهيا آهن، بي شرمي جي حد آهي.

پنهنجي جاري ڪيل ٽوئيٽ بيان ۾ خواجا سعد رفيق چيو ته وفاقي وزيرن جي لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران شرمندگي يا وري ڏک بدران مرڪندڙ چهرا نظر آيا  ۽ سانحي جي ذميواري قبول ڪرڻ بدران شاهد خاقان عباسي کي ريسڪيو جو ڪم ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي.

هن چيو ته وزيرن جي پريس ڪانفرنس ۾شهباز شريف کي جيل اماڻڻ ۽ اليڪشن کان اڳ مخالفن کي ٺڪاڻي لڳائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي، جڏهن ته مري ۾ قيامت برپا هئي، بي شرمي ۽ بي حسي جي حد آهي.

سندس چوڻ هو ته پنجاب جو وڏو وزير ۽ وفاقي وزير ڪيترائي ڪلاڪ تنظيم سازي اجلاس ۾ مصروف هئا، مرڪندڙ چهرن سان پريس ڪانفرنس ڪرڻ سوڌو اپوزيشن تي طنز جا تير هلائيندا رهيا،  سي ايم صاحب اوهان ڪٿي آهيو؟ شهباز شريف هجي ها ته مري ۾ امدادي ڪم ۾ رڌل هجي ها.

واضح رهي ته وفاقي وزير فواد چوڌري اڄ پريس ڪانفرنس دوران چيو هو ته اپوزيشن اڄ به سياست چمڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، شاهد خاقان جنهن تڪ تان چونڊيو ويو، کيس ماڻهن جي مدد جي لاءِ اتي وڃڻ گهرجي ها پر هو پنڊي ۾ ويهي پريس ڪانفرنس ڪندو رهيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.