سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جو ننڍو ڀاءُ به حادثي ۾ فوت

 

حب (ويب ڊيسڪ) سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي جو ننڍو ڀاءُ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.

سالار خان سنجراڻي لسٻيلا جي علائقي اوٿل ۾ ڪار حادثي جو شڪار بڻيو، هو ڪار ۾ ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهيو هو ته سندس گاڏي آئل ٽئنڪر سان ٽڪرجي پئي.

حادثي ۾ ڪار جو ڊرائيور محمد يونس ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏهن ته سالار سنجراڻي کي اوٿل اسپتال ۾ طبي امداد ڏئي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي نيو ويو پر هن رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.

هوڏانهن بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجي سينيٽ چيئرمين صادق سنجراڻي کي فون ڪري ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.