ڪنن جي مير مدافعتي نظام جو هڪ اهم حصو  آهي

ڪنن جي مير عام طور تي هڪ گندي شيءِ سمجهي ويندي آهي جنهن کي صاف ڪرڻ ضروري آهي پر حقيقت اها آهي ته جهڙي طرح پيسو هٿ جي مير هجڻ جي باوجود اسان لاءِ ضروري آهي، اهڙيءَ طرح ڪنن جي مير به هڪ حد تائين اسان لاءِ فائديمند آهي.

ڪنن جي صفائي سٺي ڳالهه آهي پر ڪنن کي گھڻو صاف ڪري ڇڏڻ صحت لاءِ نقصانڪار به ثابت ٿي سگھي ٿو.

ڪنن جي مير جهنهن کي انگريزي ۾ earwax  چيو ويندو آهي، قدرت پاران عطا ڪيل عجيب مدافعتي نظام آهي.

ان جي سطح چنبڙندڙ هوندي آهي ۽ اها ئي چنبڙندڙ شيءِ اسان کي ڪيترين ئي بيمارين کان محفوظ ڪري ٿي. اهو چنبڙندڙ مادو ٻاهران داخل ٿيندڙ جراثيمن، گند، فنگس يا جيتن کي اندر داخل ٿيڻ کان روڪيندو آهي جيڪي ان سان چنبڙي ڪري اندر داخل ناهن ٿي سگھندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.