سخت جان بيڪٽيريا خلاف اهم مرڪب مٽي ۾ دريافت

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انسانن ۽ بيڪٽيريا جي ويڙهه ڊگھي عرصي کان جاري آهي ڇو جو بيڪٽيريا تيزي سان پنهنجي صورت تبديل ڪري وڌيڪ سخت جان ۽ خطرناڪ ٿيندا پيا وڃن. هاڻ مٽي ۾ هڪ نئين مرڪب جو انڪشاف ٿيو آهي جيڪو عام طور اسپتالن ۾ موجود بيڪٽيريا کي ختم ڪري سگھي ٿو.

اسپتالن ۾ انفيڪشن سبب ٺهندڙ سڀ کان اهم جراثيم ايسينيٽو  بيڪٽر بومينيائي آهي جيڪو هر دوا کي بي اثر بڻائي رهيو آهي. اسپتالن ۾ گھمندڙ اهو بيڪٽيريا نه رڳو پينسلين ۽ ٽيٽراسائڪلين جهڙين اهم اينٽي بايوٽڪ دوائن کي ناڪام بڻائي رهيو آهي پر جراثيمن جي خلاف اسان جي آخري هٿيار ڪولسٽائن به ان جي آڏو بي وس بڻيل آهي. جيڪڏهن اها دوا ناڪام ٿي وڃي ته مريض مڪمل طور تي انفيڪشن جي زنجير ۾ قيد ٿي ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو عالمي ادارا خبردار ڪري رهيا آهن ته اسان خطرناڪ بيڪٽيريا جي خلاف پنهنجي جنگ هارائي رهيا آهيون ۽ جيڪڏهن اهو رجحان جاري رهيو ته ڪجهه ڏهاڪن کان پوءِ علاج نه ٿيڻ جوڳي بيڪٽريا جا اثر هر سال ڪروڙين حياتيون ڳڙڪائيندا.

سبب اهوآهي ته ڪولسٽائن جو استعمال وڌيو ته خاص ڪري ايسينيٽو  بيڪٽر بومينيائي تيزي سان تبديل ٿيو ۽ هاڻ دوا جي فائدي کي گھٽائي رهيو آهي. ماهرن پاڻ مٽي ۾ انهيءَ بيڪٽيريا جو هڪ مائٽ ڳولي ورتو آهي. ان لاءِ 10 هزار بيڪٽيريا جي جينوم کي پڙهيو ويوڳ ته خبر پئي ته 35 جين اهڙا آهن جيڪي ڪولسٽائن جهڙي مضبوطي ۽ مزاج رکن ٿا. اهڙي طرح ڪيترن  ئي مرحلن کان گذريڪري تجربي واري هنڌ تي هڪ مرڪباتي  (ڪمپائونڊ ماليڪيول) بنايو ويو جنهن کي ”ميڪوليسن“ جو نالو ڏنو ويو.

هاڻ ان کي تجربي واري هنڌ رکي اهڙن بيڪٽيريا سان مقابلو ڪرايو ويو جيڪي ان کان اڳ ڪولسٽائن اينٽِي بايوٽڪ کي بري طرح ناڪام بڻائي رهيا هئا. پوءِ ڪوئن کي ايڪس ڊي آر انفيڪشن سان بيمار ڪيو ويو جنهن جي آڏو به اسان جي اينٽي بايوٽڪس بي هوندي آهي.

حيران ڪندڙ طور تي سخت جان بيڪٽيريا مان متاثر ڪوئا ان ڪمپائونڊ جي هڪ ٽڪي سان ئي مڪمل طور تي تندرست ٿي ويا يعني نئون مرڪب انتهائي خطرناڪ بيڪٽيريا کي به ناڪام بڻائڻ جوڳو ٿي ويو آهي. ٻئي مرحلي ۾ ان جي دوا بڻائي اهڙن مريضن تي آزمائي ويندي جيڪي مڪمل طور تي اينٽي بايوٽڪس مان مايوس ٿي چڪا آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.