نارٿ ناظم آباد ۾ زمين اندر سيوريج نالي ۾ ڌماڪو

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سينٽرل ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ سخي حسن ڀرسان زمين هيٺ هڪ سيوريج نالي ۾ ڌماڪو ٿيو آهي.

ڪراچي ويسٽ زون پوليس آفيس جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ پوليس ايڊمنسٽريشن ناصر بخاري موجب نارٿ ناظم آباد جي شير شاهه سوري روڊ تي سخي حسن فلاءِ اوور ڀرسان موبائل مارڪيٽ سان گڏ گذرندڙ سيوريج نالي کي دڪاندارن غير قانوني طور مٿان بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڌماڪو ٿيو.

ڌماڪي ۾ ڪو جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته پوليس اتي پهچي معائنو شروع ڪري ڇڏيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.