قازقستان جي صدر ڳالهين بدران احتجاج ڪندڙن کي مارڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 

نور سلطان (ويب ڊيسڪ) قازقستان جي صدر ملڪ ۾ جاري غير معمولي ڇڪتاڻ جي خاتمي لاءِ احتجاج ڪندڙن سان ڳالهين بدران سيڪيورٽي فورسز کي طاقت جي استعمال جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

قاسم جومارت توڪائيف سيڪيورٽي فورسز کي حڪم ڏنو آهي ته اهي بنا ڪنهن تنبيهه جي گولي هلائي سگهن ٿا، هٿياربند ٺڳن جو خاتمو آندو ويندو.

پنهنجي خطاب ۾ هن فوج موڪلڻ تي روسي صدر ولاديمير پيوٽن جا ٿورا پڻ مڃيا.

واضح رهي ته سيڪيورٽي فورسز هن وقت قازقستان جي سڀ کان وڏي شهر الماتي ۾ ڪيترين ئي اهم جاين تي مقرر آهي ۽ اهو ئي شهر تازو پرتشدد احتجاجي مظاهرن جو مرڪز رهيو آهي.

هوڏانهن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جو مطالبو آهي ته معاملي کي ڳالهين ذريعي حل ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.