”سياحن کي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ها ته سانحو نه ٿئي ها“

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مري سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته سياحن کي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ها ته سانحو نه ٿئي ها.

مري ۾ سيءَ سبب سياحن جي فوت ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ۽ وارثن سان تعزيت ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ان سانحي تي سڄو ملڪ سوڳوار آهي، انتظاميا سياحن جي مدد لاءِ بنا دير هنگامي قدم کڻي.

هن چيو بهتر هجي ها ته مري ۾ سياحن کي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو وڃي ها ته جيئن اهڙو واقعو پيش نه اچي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.