گليات ۾ ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو: محمود خان

 

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان گليات ۾ برفباري سبب ڪنهن به اڻ وڻندڙ واقعي بابت خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي.

هڪ بيان ۾ محمود خان چيو ته گليات ۾ برفباري واري صورتحال جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهيان، گليات ۾ گاڏين جي داخلا مڪمل طور بند ڪئي وئي آهي ۽ سياحن جي حوالي سان ڪو به اڻ وڻندڙ واقعو سامهون ناهي آيو.

هن چيو ته گاڏين ۾ موجود سياحن کي هوٽلن ۽ رهائش گاهن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گليات ڊولپمينٽ اٿارٽي، ريسڪيو ۽ ضلعي انتظاميا کي به هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي.

وڏي وزير سمورن ڊي سيز کي ماڻهن کي پناهه گاهن ۾ منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته پناهه گاهن ۾ طعام جا سمورا انتظام ڪيا وڃن ۽ ڪو به ماڻهو کليل آسمان هيٺ رات نه گذاري.

واضح رهي ته مري ۾ سياحن جي تمام گهڻي رش ۽ برفباري سبب هزارين گاڏيون ڦاسي پيون ۽ 19 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا، جنهن بعد مري کي آفٽ سٽيل قرار ڏنو ويو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.