سياحت وڌائڻ بابت اسان جو اهو مطلب نه هو ته سڀ ماڻهو پهچي وڃن: فواد چوڌري

 

لاهور (ويب ديسڪ) سڌ سماءَ بابت وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته گهٽ وقت ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو مري پهتا، جنهن سبب مسئلا پيدا ٿيا، سياحت وڌائڻ بابت اسان جو اهو مطلب نه هو ته سمورا ماڻهو هڪ ئي وقت اچي وڃن.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته انتظاميا جي لاءِ مشڪل هو ته ايتري وڏي انگ ۾ آيل سياحن کي ڏسي ها، رڳو مري نه پر سمورن مٿين علائقن ۾ هن وقت وڏي انگ ۾ ماڻهو موجود آهن، مري ۾ صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍيو پيو وڃي.

هن چيو ته 48 ڪلاڪن ۾ لکين ماڻهو پهچي وڃن ته سنڀالڻ مشڪل بڻجي ويندو آهي، سياحت وڌائڻ بابت اسان جو اهو مطلب نه هو ته هڪ ئي وقت ۾ سڀ ماڻهو پهچي وڃن، هڪ هفتي کان انتظاميا چئي رهي هئي ته گاڏين سميت مري نه اچو، ڦاٿل گاڏين ۾ گهڻا ماڻهو اُهي هئا، جيڪي 48 ڪلاڪن ۾ مري پهتا هئا، هن واقعي مان سکي اڳتي مئنيجمينٽ بهتر ڪرڻ جي ضرورت آهي.

سندس چوڻ هو ته هن وقت ملڪ ۾ ڦرجي وياسين، مري وياسين ۽ برباد ٿي وياسين جهڙي صورتحال ناهي، سياحت وڌائڻ خراب ڳالهه ناهي پر هن واقعي کان سکڻ ضروري آهي.

واضح رهي ته مري ۾ شديد برفباري ۽ سياحن جي رش سبب صورتحال تمام گهڻي خراب ٿي وئي ۽ 20 کان وڌيڪ ماڻهو گاڏين اندر ئي فوت ٿيڻ ڪري سياحتي هنڌ کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي.

ياد رهي ته 5 جنوري تي هڪ ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو هو ته مري ۾ هڪ لک کان وڌيڪ گاڏيون داخل ٿي چڪيون آهن، ملڪي سياحت ۾ واڌ عام ماڻهو جي خوشحالي ۽ آمدني ۾ واڌ کي ظاهر ڪري ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.