حمل دوران ڪورونا کي منهن ڏيندڙ مائرن جو کير نون ڄاول ٻارن لاءِ فائديمند قرار

حمل دوران ڪووڊ 19 کي منهن ڏيندڙ مائرن جو کير ٻارن ۾ بيماري کان تحفظ فراهم ڪندڙ اينٽي باڊيز منتقل ڪري ٿو.

اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

ايڊاهو يونيورسٽي جي تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ماءُ جي کير مان ڪورونا وائرس کي ناڪارا بڻائيندڙ اينٽي باڊيز نون ڄاول ٻارن ۾ منتقل ٿين ٿيون.

نئين تحقيق مان اڳوڻن نتيجن کي هٿي ملي ٿي جن ۾ ٻڌايو ويو هو ته ڪورونا وائرس متاثر عورتن مان بيمارين کان تحفظ فراهم ڪندڙ اينٽي باڊيز ٻارن ۾ منتقل ٿين ٿيون.

ان تحقيق ۾ 60 کان وڌيڪ عورتن کي شامل ڪيو ويو هو جن ۾ ڪووڊ 19 ظاهر ٿيڻ کي گھٽ ۾ گھٽ ۾ 2 مهينا ٿي چڪا هئا ۽ انهن جا نمونا حاصل ڪيا ويا.

محققن ٻڌايو ته اهو گھڻو اهم آهي ته بيماري جي ٻن مهينن کان پوءِ گھڻين عورتن ۾ اينٽي باڊيز جي انگ ۾ واڌ ٿئي ٿي، تنهنڪري اسان جو مشورو آهي ته جيڪڏهن اوهان ان بيماري جو شڪار ٿيون  آهيو ته ٻارن کي کير پيارڻ نه ڇڏيو.

تحقيق دوران نمونن جي جاچ ۾ انهن اينٽي باڊيز کي ڏٺو ويو هو جيڪي ڪورونا وائرس جي اسپائيڪ پروٽين لاءِ مخصوص هوندا آهن.

نتيجن مان خبر پئي ته 2 مهينن کان پوءِ ٻه ڀاڳي 3  عورتن جي کير ۾ اينٽي باڊيز بڻجي رهيون هيون ۽ اهو عمل ڪووڊ ظاهر ٿيڻ جي هڪ هفتي کان پوءِ ئي شروع ٿي ويو هو.

محققن ٻڌايو ته ماءُ جي کير ۾ موجود اينٽي باڊيز سان عورتن جي ٻارن کي بيماري خلاف جٽادار مدافعت ملڻ جو امڪان آهي.

ان تحقيق جا نتيجا طبي رسالي جرنل فرنٽيئرز ان اميونولوجي ۾ ڇپيل آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.