ڌونيءَ جو حارث رئوف لاءِ خاص تحفو

 

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر مهيندرا سنگهه ڌوني پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف کي خاص تحفو موڪلي ڇڏيو.

حارث رئوف سوشل ميڊيا تي ٻڌايو ته ڀارت جي اڳوڻي ڪپتان ۽ وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين مهيندرا سنگهه ڌوني مون کي چنائي سپر ڪنگز جي نمبر 7 لکيل جرسي تحفي ۾ ڏني آهي.

پاڪستاني پيسر اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر جا ٿورا مڃيندي چيو ته ليجنڊ ڪپتان ڌوني طرفان شرٽ جو خوبصورت تحفو ملڻ مون لاءِ اعزاز آهي، اڳوڻو ڀارتي ڪپتان پنهنجي سٺي اخلاق ۽ رويي سبب هاڻ به ماڻهن جون دليون کٽي رهيو آهي.

حارث رئوف ٽوئيٽر تي ڌوني طرفان موڪليل جرسي جون تصويرون به شيئر ڪيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.