سلمان خان کان منوج باجپائي تائين، اهي اداڪار جن آپگهات ڪرڻ جو سوچيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي جي مزاحيا پروگرام دي ڪپل شرما شو ۾ نظر ايندڙ مزاحيا فنڪار تيرٿانند تازو ئي آپگهات ڪرڻ جي نيت سان زهر کاڌو پر پروڊيوسز جي مدد سان کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي سندس حياتي بچي وئي.

15 سالن انڊسٽري جو حصو رهندڙ فنڪار ڪورونا سبب مالي بحران جو شڪار آهي جنهن سبب هن اهو قسم کنيو آهي.

تيرٿانند کان اڳ به ڪيترائي وڏا فنڪار پنهنجن حالتن کان شڪست کائڻ ۽ بيماري کان تنگ ٿي آپگهات ڪرڻ جو ذهن بڻائي چڪا آهن.

اچو ته ڄاڻون  ته ڪير آهن اهي مشهور شخصيتون.

جاني ليور:

Johny Lever urges people to keep laughing on World Laughter Day |  Indiablooms - First Portal on Digital News Management

ڀارتي اداڪار ۽ ڪاميڊيئن جاني ليور جو ننڍپڻ غربت ۾ گذريو، هن جو پيءُ شرابي هو جنهن سبب جاني ليور پاڻ به گھٽين ۾ قلم وڪڻي پيسا ڪمائيندو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب اهڙي ئي هڪ ڏينهن حالتن کان پريشان ٿي ڪري جاني ليور به آپگهات ڪرڻ جو ارادو ڪيو پر هن خاندان بابت سوچي پنهنجو ارادو تبديل ڪري ڇڏيو.

اڌيان سمن:

Adhyayan Suman

اداڪار اڌيان سمن هڪ وقت ۾ ڊپريشن جو شڪار ٿي چڪو هو. لابي ڪلچر جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ اڌيان کي فلمن مان ڪڍيو ويو، گڏ ئي هن ڪنگنا کان عليحدگي به اختيار ڪري ورتي هئي جنهن کي منهن ڏيڻ هن لاءِ گھڻو ڏکيو هو.

اڌيان جي پيءُ شيکر سمن هڪ انٽرويو دوران ٻڌايو ته هڪ وقت هو جڏهن اڌيان پاڻ کين ٻڌايو هو ته هو ڪيترائي ڀيرا آپگهات ڪرڻ بابت سوچي چڪو آهي.

منوج باجپائي:

When Manoj Bajpayee was ignored by a journalist to his face and asked his  cameraman to stop shooting him. | PINKVILLA

هڪ انٽرويو ۾ منوج باجپائي ٻڌايو ته هو نيشنل اسڪول آف ڊراما ۾ داخلا وٺڻ جو خواب ڏسندو هو پر جڏهن کيس رد ڪيو ويو ته هن آپگهات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

ان ڊپ کان منوج جا سڀ دوست سندس گڏ رهڻ لڳا ته جيئن هو ٻيهر آپگهات جي ڪوشش نه ڪري.

اڄ منوج انڊسٽري جي بهترين اداڪارن مان هڪ آهي.

شمع سڪندر:

Shama Sikander opens up about attempting suicide due to her bipolar  disorder and depression : Bollywood News - Bollywood Hungama

ڀارتي ٽي وي جي مشهور شخصيت شمع سڪندڙ به آپگهات جي ڪوشش ڪئي هئي.

ڊپريشن جو شڪار ٿيڻ سب شمع هڪ ئي رات ۾ ننڊ جون ڪيتريون ئي ٽڪيون کاڌيون.

ٽڪيون کائڻ کان اڳ اداڪارا پنهنجي پيءُ کي چيو ته هو ان کي صبح جو اٿاري ۽ پنهنجي بينڪ اڪائونٽ جا سڀ تفصيل پنهنجي ڀاءُ کي موڪلي ڇڏي، رات جو دير سان شڪ ٿيڻ تي سندس ڀاءُ پنهنجي پيءُ سان رابطو ڪيو جنهن سبب شمع جي حياتي بچي وئي.

سلمان خان:

Bigg Boss 15: Salman Khan to receive a staggering Rs. 350 crore to host the  show : Bollywood News - Bollywood Hungama

بالي ووڊ اداڪار سلمان خان ڪيترن ئي سالن کان ٽرائي جيمينل نيورالجيا نالي لاعلاج بيمارين ۾ مبتلا آهي. ان بيماري کي آپگهات جي بيماري به چيو ويندو آهي.

ان مرض ۾ مبتلا شخص عضون ۾ برداشت نه ڪرڻ جوڳو سور پيدا ٿيندو آهي. هڪ انٽرويو دوران اداڪار ٻڌايو هو ته هن  ان بيماري سان وڙهندي ڪيترائي ڀيرا آپگهات ڪرڻ جو به سوچو آحي.

جيسمين ڀسين:

Jasmin Bhasin BB 14 | Jasmin Bhasin urges fans to let go off all the  'negativity'; says, 'My Bigg Boss journey is over'

ٽي وي اداڪارا جيسمين ڀسين کي پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ ئي مختلف رد عمل کي منهن ڏيڻو پيو. هن جي جلد خراب هئي جنهن سبب سندس توهين ڪئي وئي ۽ ڪيترائي ڀيرا کيس رد ڪيو ويو.

هڪ موقعي تي جيسمين پريشان ٿي آپگهات جي ڪوشش به ڪئي ۽ ان ڳالهه جو انڪشاف هن بگ باس ۾ ڪيو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.