هڪ هزار گاڏيون سنڀالي نه سگهندڙ حڪومت کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ شهباز شريف

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ صدر شهباز شريف مري سانحي تي افسوس جو اظهار ڪندي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته ٽريفڪ ۾ ڦاٿل شهرين جو موت انتظامي نااهلي ۽ مجرماڻي غفلت آهي، هي حڪومت جي انتظامي صلاحيت جو عالم آهي ته ٽريفڪ انتظام ڪرڻ جي به قابل ناهي.

هن سوال ڪيو ته جڏهن شهري ڦاٿل آهن ته انهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي وئي؟ حڪومت هڪ هزار گاڏين جي انتظام جي به صلاحيت نٿي رکي ته ان کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪهڙو حق آهي؟ جيڪڏهن سياحن جو ايڏو وڏو انگ مري وڃي رهيو هو ته حڪومت کي ڇو خبر نه پئي؟ انتظاميا ڪٿي سُتل هئي؟ اڳواٽ انتظام ڇو نه ڪيا ويا؟

سندس چوڻ هو ته حڪومت رش ۾ ڦاٿل شهرين کي نٿي ڪڍي سگهي ته مهانگائي جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل عوام کي ڪيئن ڪڍندي؟ حڪومت هڪ هزار گاڏين جو مسئلو حل نٿي ڪري سگهي ته ملڪ جي وڏن مسئلن کي ڪيئن منهن ڏيندي؟

شهباز شريف چيو ته عمران نيازي ۾ ته اخلاقي جرئت به ناهي، گهٽ ۾ گهٽ ان سنگين مجرماڻي غفلت جي ذميوار وزيرن ۽ ماتحت ادارن کي ئي سزا ڏني وڃي، ان ناحق خون تي ڪنهن کي ته ذميوار قرار ڏنو وڃي.

هن چيو ته سياحت ۾ واڌ جي حڪومتي پروپئگنڊا سنگ دلي جي انتها آهي، اولهه جا مثال ڏيندڙ اوڀر روايتن جي لڄ به نه رکي سگهيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.