پاڪستاني فنڪارن جو مري سانحي تي افسوس جو اظهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فنڪارن مري ۾ شديد برفباري سبب پنهنجي ۾ گاڏين ۾ سيءَ ۾ ٺري فوت ٿي ويل سياحن تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

مشهوري سياحتي هنڌ مري ۾ گذريل ڏينهن کان شديد برفباري جو سلسلو برقرار آهي. هزارين سياحن جو مري اچڻ سبب ٽريفڪ جو نظام درهم برهم ٿي ويو جنهن سبب گاڏين جو قطارون لڳي ويون. ڪجهه گاڏين ۾ رات کان ڦاٿل سياح ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿي ويا.

اداڪار فيصلو قريشي مري سانحي تي ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مهرباني ڪري فوتي سياحن لاءِ دعا ڪيو، مري ۽ گليات کان تڪليف پهچائيندڙ وڊيوز موصول ٿي رهيون آهن، انتهائي سخت موسمي حالتن ۾ تقريبن 20 سياح، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن، فوت ٿي چڪا آهن.

اداڪار چيو ته جيڪي سياح اتي آهن خدا انهن جي مدد ڪري ۽ کين پنهنجي امان ۾ رکي.

گلوڪار مصطفيٰ زاهد چيو ته انتهائي تڪليف پهچائيندڙ خبر سان گڏ ڏينهن جي شروعات ٿي، مهرباني ڪري سياحن جون تڪليف پهچائيندڙ وڊيوز شيئر نه ڪيو، خدا اسان سڀني جي حفاظت ڪري ۽ جيڪي ان سانحي ۾ فوت ٿي چڪا آهن انهن جي گھرڀاتين کي صبر ڏئي.

اداڪارا صبر قمر ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته مري جون تصويرون ڏسي ڏک ۾ آهيان، منهنجي همدردي ۽ دعائون انهن ماڻهن سان آهن جن پنهنجن پيارن کي وڃائي ڇڏيو.

هن سياحت کي اپيل ڪئي ته سفر ڪرڻ کان اڳ موسم جي شدت جو جائزو ضرور وٺن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.