خطرناڪ سامونڊي طوفان سڄي دنيا ۾ تباهي مچائي سگھن ٿا: ماهر

ماحولياتي ماهرن جي هڪ عالمي ٽيم خبردار ڪيو آهي ته موجوده صدي ۾ نه رڳو شديد سامونڊي طوفانن (هريڪين ۽ ٽائيفون) جي سالياني انگ ۽ شدت ۾ واڌ ٿيندي پر اهي دنيا جي مختلف علائقن تائين پهچي وڏي پيماني تي تباهي آڻيندا.

رسرچ جرنل ”نيچر جيو سائنس“ جي تازي پڌرائي ۾ ڇپيل ان تحقيق ۾ زمين جي ڪروڙين سال قديم ماحولياتي ماضي بابت دستياب ڄاڻ، جديد موسمياتي ڊيٽا ۽ ماڊلز استعمال ڪندي موجوده صدي ۾ طوفاننن جي امڪانن جو جائزو ورتو ويو آهي.

تجزيي مان جتي هڪ ڀيرو وري اهو ثابت ٿيو آهي ته هاڻوڪين ماحولياتي تبديلين ۾ واقعي انساني سرگرمين جو سڀ کان وڏو ڪردار آهي، اتي ئي اهو به انڪشآف ٿيو آهي ته وقت گذرڻ سان گڏوگڏ سامونڊي طوفانن جي سالياني انگ ۽ شدت ۾ به واڌ ٿيندي پئي وڃي.

ان کانسواءِ، هڪ ٻي اهم ڳالهه اها سامهون آئي آهي ته ماضي ۾ گھڻو ڪري سامونڊي طورفان (هريڪين/ٽائيفون) خط استوا ۽ ان جي ويجهو سامونڊي علائقن ۾ ايندا رهندا آهن پر هاڻ اهي هوريا هوريان اتر ۽ ڏکڻ طرف به وڌي رهيا آهن.

سامونڊي پٽي سان ٽڪرائجڻ کان پوءِ اهي طوفان خشڪي تي ڪيترائي ڪلوميٽر مفاصلو طئي ڪري اڳتي وڌندا ويندا آهن جڏهن ته ماضي ۾ اهي خشڪي تي گھڻو گھٽ ايترو اڳتي تائين وڌندا هئا.

خدشو آهي ته مستقبل جا سامونڊي طوفان اتر جي طرف به وڌيڪ ٺهندا جنهن سبب نيويارڪ، بوسٽن، بيجنگ ۽ ٽوڪيو سميت انهن شهرن کي به خطرو هوندو جتي في الحال سامونڊي طوفان گھڻا گھٽ ايندا آهن.

خط استوا کانسواءِ، سامونڊي طوفانن جو اتر ۽ ڏکڻ طرف وڌڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته شديد گرمي هاڻ رڳو خط استوا يا ان جي ويجهن علائقن تائين محدود ناهي رهي پر انهن هنڌن تائين به پهچي رهي آهي جيڪي خط استوا کان پري (اتر يا ڏکڻ جي رخ ۾) موجود آهن ۽ ٿڌا علائقا تصور ڪيا ويندا آهن.

ماهرن خبردار ڪيو آهي ته اهڙن طوفانن جي شروعات ٿي چڪي آهي: پرتگال جي سرزمين تي تباهي پکيڙيندڙ سامونڊي طوفان ”الفا“ ۽ آمريڪي رياست ڪنڪٽي ڪٽ تائين پهچندڙ ”هنري“ سامونڊي طوفان، ٻئي خط استوا کان گھٽ پري ٺهيا هئا.

انهن طوفانن جو اچڻ ظاهر ڪري ٿو ته ماهرن جنهن امڪاني تباهي جو خدشو ظاهر ڪري رهيا آهن، ان جي شروعات ٿي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.