16 کان 19 فوتگيون ٿيون پر ٻيا ماڻهو محفوظ آهن: شيخ رشيد

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد مري ۾ برفباري ۽ سخت سيءَ سبب 16 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪندي شهرين کي اپيل ڪئي ته ملڪه ڪوهسار جو رُخ ڪن.

پنهنجي ويڊيو پيغام ۾ شيخ رشيد چيو ته پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو سياحن جي ايڏي وڏي انگ مري جو رُخ ڪيو آهي، جنهن سان هڪ وڏو بحران پيدا ٿيو ۽ اسان کي مري ڏانهن وڌندڙ ٽريفڪ کي بند ڪرڻو پيو آهي، جڏهن ته ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.

هن ٻڌايو ته ڦاٿل مان ڪجهه گاڏين کي ڪڍيو ويو آهي ۽ ڪجهه کي واپس موڪليو ويو آهي، راولپنڊي ۽ اسلام آباد انتظاميا متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، گاڏين ۾ تقريبن 16 کان 19 فوتگيون ٿيون آهن، علائقي واسين گاڏين ۾ متاثرن کي سامان پهچايو آهي.

سندس چوڻ هو ته انتظاميا سڄي رات ماڻهن کي محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر الله کي جيڪو منظور هو اهو ئي ٿيو، 16 کان 19 فوتگيون ٿيون پر ٻيا ماڻهو محفوظ آهن، انهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو پيو وڃي.

ان کان اڳ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ شيخ رشيد سياحن کي اپيل ڪئي ته اهي مري جو رخ نه ڪن، ڇو ته سڄي دنيا مان ايندڙ سياحن جي وڏي انگ سبب مري ۾ رهائش ۽ ڪمبلن جو بحران پيدا ٿي ويو آهي، جڏهن ته ٿڌ جي شدت به وڌي رهي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.