مري سانحي جي جاچ جو حڪم، عوام حالتون ڄاڻڻ بنا مري جو رُخ ڪيو: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان مري سانحي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزير اعظم عمران خان مري سانحي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته مري ۾ سياحن جي فوت ٿيڻ تي وڏو ڏک پهتو آهي، واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو آهي.

وزيراعظم چيو ته غير معمولي برفباري ۽ موسمي حالتن جو پتو لڳائڻ بنا ئي عوام مري جو رخ ڪيو، ان صورتحال جي لاءِ انتظاميا تيار نه هئي، اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ سخت قاعدا ۽ ضابطا قائم ڪيا ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.